قصور سان تعلق رکندڙ پاڪ فوج جو حوالدار شهيد

قصور- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) قصور سان تعلق رکندڙ پاڪ فوج جو سپوت حوالدار محمد ارشد بلوچستان سرحد تي وطن لاءِ وڙهندي شهيد ٿي ويو. تفصيل موجب شهيد حوالدار محمد ارشد جو تعلق قصور جي پسگردائي واري علائقي چاهه بلندي والا سان هو. شهيد حوالدار محمد ارشد دشمن جو مقابلو ڪندي شهيد ٿي ويو. شهيد جو مڙهه فوجي اعزاز سان سندس اباڻي علائقي قصور پهچايو ويندو. جنازي ۾ پاڪ …

قصور- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) قصور سان تعلق رکندڙ پاڪ فوج جو سپوت حوالدار محمد ارشد بلوچستان سرحد تي وطن لاءِ وڙهندي شهيد ٿي ويو. تفصيل موجب شهيد حوالدار محمد ارشد جو تعلق قصور جي پسگردائي واري علائقي چاهه بلندي والا سان هو. شهيد حوالدار محمد ارشد دشمن جو مقابلو ڪندي شهيد ٿي ويو. شهيد جو مڙهه فوجي اعزاز سان سندس اباڻي علائقي قصور پهچايو ويندو. جنازي ۾ پاڪ فوج جي آفيسرن، سول انتظاميا، علائقي جي معزز شهري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا. شهيد حوالدار محمد ارشد جو والد منظور ڦل والي جي نالي سان مشهور آهي، شهيد محمد ارشد جي شادي هڪ سال اڳ ٿي هئي.

مزید خبریں