شرم الشيخ - 13 - آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ مصري صدر عبدالفتاح السيسي جي خصوصي دعوت تي مصر جي سامونڊي شهر شرم الشيخ پهچي ويو، ايئرپورٽ پهچڻ تي مصر جي يوٿ ۽ اسپورٽس واري وزير ڊاڪٽر اشرف صبيحي، مصر ۾ پاڪستان جي سفير عامر شوڪت ۽ ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سفارتي عملي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا …
وزيراعظم محمد شهباز شريف مصر جي سامونڊي شهر شرم الشيخ پهچي ويو
شرم الشيخ – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ مصري صدر عبدالفتاح السيسي جي خصوصي دعوت تي مصر جي سامونڊي شهر شرم الشيخ پهچي ويو، ايئرپورٽ پهچڻ تي مصر جي يوٿ ۽ اسپورٽس واري وزير ڊاڪٽر اشرف صبيحي، مصر ۾ پاڪستان جي سفير عامر شوڪت ۽ ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سفارتي عملي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف شرم الشيخ ۾ منعقد غزه ۾ جنگبندي جي لاءِ شرم الشيخ امن سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ وزيراعظم سان گڏ وفد ۾ شريڪ آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، مصري صدر عبدالفتاح السيسي، قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي وچ ۾ غزه امن معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ خصوصي شرڪت ڪندو.








