اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان پنهنجن قومي مفادن، علائقائي خودمختياري ۽ سلامتي جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي، ڄمون ڪشمير تي ڪنهن به تڪراري يا گمراهه ڪندڙ موقف کي پاڪستان ڪڏهن به تسليم نه ڪندو، ڀارت طرفان ڪشمير بابت هر غير قانوني دعويٰ عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن جي ابتڙ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان …
پاڪستان پنهنجن قومي مفادن، علائقائي خودمختياري ۽ سلامتي جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان پنهنجن قومي مفادن، علائقائي خودمختياري ۽ سلامتي جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي، ڄمون ڪشمير تي ڪنهن به تڪراري يا گمراهه ڪندڙ موقف کي پاڪستان ڪڏهن به تسليم نه ڪندو، ڀارت طرفان ڪشمير بابت هر غير قانوني دعويٰ عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن جي ابتڙ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مُوجب صدر آصف علي زرداري افغانستان طرفان جارحيت تي ردعمل ڏيندي چيو ته پاڪستان پنهنجن قومي مفادن، علائقائي خودمختياري ۽ سلامتي جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي. صدر مملڪت افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته افغان قيادت والاريل ڄمون ڪشمير جي مظلوم عوام جي آزادي جي جدوجهد کان پوئتي هٽي تاريخ ۽ امت ٻنهي سان ناانصافي ڪئي، عارضي افغان حڪومت جي سرزمين تان فتنه الخوارج جا حملا گڏيل قومن جي رپورٽن مان به ثابت ٿيل حقيقت آهن، پاڪستان ڪيترائي ڀيرا واضح ڪري چڪو آهي ته فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندوستان سبب پاڪستان جا شهري ۽ سيڪيورٽي اهلڪار نشانو بڻجي رهيا آهن. صدر مملڪت افغان قيادت تي زور ڏنو ته هو پاڪستان مخالف دهشتگرد عنصرن جي خاتمي لاءِ عملي قدم کڻي. هن چيو ته فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندوستان خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ سڀني کان وڏو خطرو آهن، دهشتگردي خلاف جنگ گڏيل ذميواري آهي. ڪنهن هڪ ملڪ تي ان جو بار نٿو وجهي سگهجي، پاڪستان چار ڏهاڪن تائان افغان عوام جي ميزباني ڪري اسلامي اخوت ۽ سٺي پاڙيسري هجڻ جو مثال قائم ڪيو، امن جي بحالي سان افغان شهرين جي باعزت واپسي ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي، پاڪستان افغان عوام جي تعليمي ۽ انساني ضرورتن لاءِ سهڪار جاري رکندو، پاڪستان پنهنجي قومي خودمختياري تي ڪو سمجهوتو نه ڪندو. صدر مملڪت چيو ته پاڪستان واپار، معيشت ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ افغانستان کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي آهي، گڏيل سهڪار ۽ معاشي شراڪت ئي خطي ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جو بنياد آهي، پاڪستان هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جو خيرخواهه آهي، ڀائراڻا لاڳاپا گڏيل احترام، سيڪيورٽي سهڪار ۽ خطي جي امن سان جڙيل آهن. صدر مملڪت چيو ته پاڪستان توقع رکي ٿو ته عارضي افغان حڪومت پنهنجي سرزمين کي فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندوستان جي دهشتگرد عنصرن جي استعمال کان روڪندي، دهشتگردي خلاف گڏيل ۽ عملي قدم ئي پائيدار امن جي ضمانت آهن.











