پاڪستان جي دفاع تي ڪوبه ٺاهه نه ٿيندو، هر جارحيت جو ڀرپور ۽ موثر جواب ڏنو ويندو: وزيراعظم شهباز شريف

لاهور- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف افغانستان طرفان پاڪستان جي سرحدي علائقن ۾ جارحيت جي شديد مذمت ڪندي ڀرپور ۽ موثر ڪارروائي تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي دفاع تي ڪوبه ٺاهه نه ٿيندو، هر جارحيت جو ڀرپور ۽ موثر جواب ڏنو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم پاڪ فوج جي پيشيوراڻي مهارت کي …

لاهور- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف افغانستان طرفان پاڪستان جي سرحدي علائقن ۾ جارحيت جي شديد مذمت ڪندي ڀرپور ۽ موثر ڪارروائي تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي دفاع تي ڪوبه ٺاهه نه ٿيندو، هر جارحيت جو ڀرپور ۽ موثر جواب ڏنو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم پاڪ فوج جي پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيندي چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪ فوج افغانستان جي جارهيت جو نه رڳو ڀرپور جواب ڏنو پر انهن جي ڪيترين ئي پوسٽن کي تباهه ڪري انهن کي ناڪامي تي مجبور ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي دفاع تي ڪو سمجهوتو نه ٿيندو ۽ هر جارحيت جو ڀرپور ۽ موثر جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته اسانجو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي ۽ اسن ملڪ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ جو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا، پاڪ فوج هميشا هر قسم جي پرڏيهي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته سموري قوم پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان ڪيترائي ڀيرا افغانستان کي اتي موجود فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندوستان جهڙن دهشتگرد عنصرن بابت معلومات ڏني آهي جيڪي افغانستان جي سرزمين تان پاڪستان خلاف ڪاروائيون ڪري رهيا آهن، دهشتگرد تنظيمن کي افغانستان ۾ موجود عنصرن جي حمايت حاصل آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان توقع رکي ٿو ته افغان عارضي حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته ان جي سرزمين پاڪستان خلاف دهشتگرد عنصرن جي استعمال ۾ نه اچي.

مزید خبریں