اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪ افغان سرحد تي افغانستان جي بنا جواز جارحيت جي شديد مذمت ڪندي پاڪ فوج کي افغان جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي ميڊيا آفيس مان جاري بيان مطابق هن چيو ته شهري آبادي تي افغان فورسز جي فائرنگ عالمي قانونن ۽ انساني حقن …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق طرفان افغان جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي پاڪ فوج کي زبردست خراج تحسين

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪ افغان سرحد تي افغانستان جي بنا جواز جارحيت جي شديد مذمت ڪندي پاڪ فوج کي افغان جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي ميڊيا آفيس مان جاري بيان مطابق هن چيو ته شهري آبادي تي افغان فورسز جي فائرنگ عالمي قانونن ۽ انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي آهي، افغانستان جي جارحيت خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ خطرو آهي، سموري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته ڪنهن کي به پاڪستان جي سالميت ۽ خودمختياري تي حملي جي اجازت نه ڏني ويندي، مادر وطن جي دفاع لاءِ پاڪ فوج هر لمحي تيار آهي. هن چيو ته پاڪستان هميشا هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جي حمايت ڪئي آهي، پاڪستان گذريل چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان چاليهه لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي ۽ ڪنهن خلاف جارحاڻا عزم نٿو رکي، پاڪستان جي صبر کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، سرحدي ڀڃڪڙيون برداشت جوڳيون ناهن. سردار اياز صادق چيو ته علائقائي امن ۽ ترقي لاءِ گڏيل احترام ۽ سفارتي سهڪار ضروري آهي، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪ فوج ڪنهن به جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. هن چيو ته افغانستان جي سرزمين پاڪستان خلاف دهشتگردي ۾ استعمال ٿي رهي آهي، پاڪستان جي هٿياربند فوج جي موجودگي ۾ ڪو به دشمن پاڪستان ڏانهن ميري اک سان ڏسڻ جي جرئت نٿو ڪري سگهي.











