پاڪ افغان سرحد، ترڪمانزئي ٽاپ پوسٽ مڪمل طور تي تباه

اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ افغان بارڊر وٽ افغانستان طرفان بنا جواز جارحيت خلاف پاڪ فوج پاران منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جو ڀرپور سلسلو جاري آهي جنهن ۾ ترڪمانزئي ٽاپ پوسٽ مڪمل طور تي تباه ٿي وئي آهي. ذريعن موجب رات جو دير سان پاڪستاني فورسز وڏن هٿيارن سان پرجوش انداز ۾ افغان پوسٽن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو آهي. افغان فورسز خلاف هڪ ٻي ڪاميابي حاصل ڪئي …

اسلام آباد- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ افغان بارڊر وٽ افغانستان طرفان بنا جواز جارحيت خلاف پاڪ فوج پاران منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جو ڀرپور سلسلو جاري آهي جنهن ۾ ترڪمانزئي ٽاپ پوسٽ مڪمل طور تي تباه ٿي وئي آهي. ذريعن موجب رات جو دير سان پاڪستاني فورسز وڏن هٿيارن سان پرجوش انداز ۾ افغان پوسٽن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو آهي. افغان فورسز خلاف هڪ ٻي ڪاميابي حاصل ڪئي وئي آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب تازي ويڊيو ۾ افغانستان جي ترڪمانزئي ٽاپ پوسٽ کي نشانو بڻجندي ڏسي سگهجي ٿو. موثر فائر سبب ترڪمانزئي ٽاپ مڪمل طور تي تباه ٿي وئي آهي.

مزید خبریں