قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ وفاقي وزيرن جي وزيراعظم جي پوليٽيڪل سيڪريٽري مراد خان جي گهر آمد، والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ۽ فاتحه خواني

لاهور- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق جي وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ قانون جي وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي پوليٽيڪل سيڪريٽري مراد خان جي گهر ويا ۽ سندس والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته سواتي خان مرحوم هڪ مخلص، وفادار ۽ خدمت …

لاهور- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق جي وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ قانون جي وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي پوليٽيڪل سيڪريٽري مراد خان جي گهر ويا ۽ سندس والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته سواتي خان مرحوم هڪ مخلص، وفادار ۽ خدمت گذار انسان هو سندس خدمتن کي هميشا ياد رکيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته سندس لاڏاڻي سان پيدا ٿيل خال ڪڏهن به نه ڀرجي سگهبو. مرحوم هڪ با اصول ۽ باوقار شخص هو. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته سواتي خان مرحوم ڏکين حالتن ۾ پڻ پارٽي سان گڏ بيٺل رهيو، هن پنهنجي سياسي ۽ سماجي زندگي ۾ هميشا عوامي خدمت کي ترجيح ڏني. مرحوم جي پارٽي ۽ عوام لاءِ ڪيل خدمتن کي هميشا ياد رکيو ويندو. فاتحه خواني ۾ پاڪستان علماءِ ڪونسل جي چيئرمين حافظ طاهر محمود اشرفي، پنجاب اسيمبلي جي ميمبر راڻا طاهر اقبال، سينيئر صحافي مجيب الرحمان شامي سميت ٻين اهم شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي ۽ مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي ۽ سندس ديني، سماجي ۽ سياسي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو.

مزید خبریں