دهشتگردي خلاف پاڪستان جون قربانيون پوري دنيا جي امن لاءِ آهن: عطاءُ الله تارڙ جي آمريڪي ناظم الامور نيٽالي بيڪر سان مُلاقات ۾ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته دهشتگردي خلاف پاڪستان جون قربانيون پوري دنيا جي امن لاءِ آهن. هن اها ڳالهه آمريڪي ناظم الامور نيٽالي بيڪر سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ٻطرفا لاڳاپن، ڊجيٽل ميڊيا پارٽنرشپ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آمريڪي ناظم الامور چيو ته پاڪستان جي معيشت استحڪام ۽ ترقي …

اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته دهشتگردي خلاف پاڪستان جون قربانيون پوري دنيا جي امن لاءِ آهن. هن اها ڳالهه آمريڪي ناظم الامور نيٽالي بيڪر سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ٻطرفا لاڳاپن، ڊجيٽل ميڊيا پارٽنرشپ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آمريڪي ناظم الامور چيو ته پاڪستان جي معيشت استحڪام ۽ ترقي ڏانهن وڌي رهي آهي. ملاقات ۾ دهشتگردي خلاف پاڪستان جي مکيه ڪردار کي ساراهيو ويو. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف مکيه ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، دهشتگردي خلاف اسان جون قربانيون پوري دنيا جي امن لاءِ آهن. هن چيو ته حڪومت جعلي خبرن کي ختم ڪرڻ ۽ ڊجيٽلائيزيشن کي فروغ ڏيڻ لاءِ هڪ جامع پاليسي متعارف ڪرائي آهي، جنهن کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. سياحت جو حوالو ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان قدرتي خوبصورتي، گهڻ پاسائين ثقافت ۽ تاريخي ورثي سان مالا مال ملڪ آهي. سياحت جي فروغ سان نه رڳو معاشي سرگرميون وڌنديون پر ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ لاڳاپا به مضبوط ٿيندا. هن چيو ته حڪومت سياحت کي فروغ ڏيڻ لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي ته جيئن پاڪستان عالمي سياحت جي نقشي تي هڪ نمايان مقام حاصل ڪري سگهي. هن چيو ته صحافين جي ڀلائي لاءِ قانون سازي پڻ ڪئي پئي وڃي. آمريڪي ناظم الامور صحافين جي تحفظ لاءِ پاڪستان پاران کنيل قدمن کي ساراهيو.

مزید خبریں