فتنه الخوارج جي سهولتڪار خارجين کي رياست جي حوالي ڪريو يا نتيجن لاءِ تيار رهو، خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي جي پويان سياسي ۽ مجرماڻي ڳٺ جوڙ آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جي پريس ڪانفرنس

پشاور-10 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري دهشتگردي جي ناسور کي پاڙ کان پٽي اڇلڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي فتنه الخوارج جي سهولتڪارن کي خبردار ڪيو آهي ته خارجين کي رياست جي حوالي ڪريو يا نتيجن لاءِ تيار رهو، خارجي دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن لاءِ زمين تنگ ڪئي ويندي، خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي جي پويان سياسي ۽ مجرماڻي ڳٺ جوڙ آهي جنهن جي …

پشاور-10 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري دهشتگردي جي ناسور کي پاڙ کان پٽي اڇلڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي فتنه الخوارج جي سهولتڪارن کي خبردار ڪيو آهي ته خارجين کي رياست جي حوالي ڪريو يا نتيجن لاءِ تيار رهو، خارجي دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن لاءِ زمين تنگ ڪئي ويندي، خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي جي پويان سياسي ۽ مجرماڻي ڳٺ جوڙ آهي جنهن جي سزا خيبرپختونخوا جو عوام ڀوڳي رهيو آهي، ڪنهن فرد واحد کي پنهنجي ذات لاءِ رياست ۽ پاڪستاني عوام جي جان، مال ۽ عزت جو سودو ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته جن عملن جي ڪري پاڪستان ۾ دهشتگردي ٿي رهي آهي ان جي سببن ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي نڪتن تي مڪمل عمل نه ڪرڻ، دهشتگردي جي معاملي تي سياست ڪرڻ ۽ قوم کي ان ۾ الجهائي رکڻ، ڀارت جو افغانستان کي پاڪستان خلاف دهشتگردي جي بنياد جي طور تي استعمال ڪرڻ، افغانستان ۾ دهشتگردن جون محفوظ پناهگاهون آهن ۽ جديد هٿيارن جي دستيابي ۽ دهشتگردي جي پويان دهشتگرد ڪرائيم نيڪسس جي موجودگي جهڙا مقامي ۽ سياسي پٺڀرائي شامل آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته ان پريس ڪانفرنس جو مقصد خيبرپختونخوا صوبي ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال جو جائزو وٺڻ آهي. منهنجي هتي اچڻ جو مقصد خيبرپختونخوا جي غيور عوام وچ ۾ ويهي دهشتگردي خلاف جنگ جو احاطو ڪرڻو آهي. ان سان گڏ خيبرپختونخوا جي غيور عوام جي ان جنگ ۾ قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ آهي. آئون هتي پاڪ فوج طرفان تجديد عزم ڪرڻ آيو آهيان ته اسان سڀ گڏجي خيبرپختونخوا جي عوام جي مدد سان قوم جي حيثيت سان دهشتگردي جي ناسور کي پاڙ کان پٽي اڇلڻو آهي. هن چيو ته گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان پاڪستان عام ۽ خيبرپختونخوا خاص ڪري دهشتگردي جي ناسور کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن ۾ هزارين معصوم شهرين، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، انٽيليجنس ايجنسين، پاڪ فوج، پوليس ۽ ايف سي جي جوانن پنهنجي رت سان پاڪستان جي ڌرتي کي ريج ڏنو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر خيبرپختونخوا ۾ ڪائونٽر ٽيررازم جي مد ۾ جاري آپريشن جو جائزو پيش ڪندي چيو ته 2024ع دوران خيبرپختونخوا ۾ مجموعي طور تي 14 هزار 535 انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيا ويا. رواني جي بنياد تي ڪيل انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن جو انگ 40 جي لڳ ڀڳ آهي. 2024ع دوران انهن آپريشنز ۾ 769 دهشتگرن کي ماريو ويو آهي، 2024ع دوران خيبرپختونخوا ۾ انهن آپريشنز دوران 577 قيمتي جانين شهادت ماڻي جن ۾ پاڪ فوج جا 272 بهادر آفيسرز ۽ جوان، پوليس جا 140 جڏهن ته 165 معصوم شهري شامل آهن. هن چيو ته 2025ع ۾ هن وقت تائين 15 سيپٽمبر تائين 10 هزار 115 انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيا ويا، انهن آپريشنز دوران 917 دهشتگرد ماريا ويا آهن، 2025ع دوران انهن آپريشنز ۾ 516 قيمتي جانين شهادت ماڻي، جنهن ۾ پاڪ فوج جا 311 بهادر آفيسرز ۽ جوان، پوليس جا 73 جڏهن ته 132 معصوم پاڪستاني شهري شامل آهن. هن چيو ته جيڪڏهن 2021ع کان واقعن ۾ اضافو ٿيو ته ريسپانس ۾ به اضافو ٿيو آهي. هلندڙ سال جيڪي خارجي ويا ويا انهن جو انگ گذريل 10 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته دهشتگرد سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڇو پنهنجو نيٽ ورڪس نٿا پکيڙي سگهن ڇاڪاڻ ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ گورننس آهي، انهن جي فورسز خوارجين کي روڪي رکيو آهي جڏهن ته ٻئي طرف خيبرپختونخوا آهي جتي گورننس نالي ڪا به شيءَ ناهي، جتي دهشتگردن کي پاڻ آڻي رهايو وڃي ٿو انهن جي سهولتڪاري ڪئي وڃي ٿي. جيڪڏهن آپريشن ڪريون ٿا ته مخالفت ڪئي وڃي ٿي، صوبائيت جو رنگ ڏئي گهٽيا سياست ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته اسان پنهنجي سيڪيورٽي جي خيرات ڪنهن ٻي ملڪ کان نٿا گهري سگهون. سيڪيورٽي داخلي معاملو آهي. هنن هن ملڪ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن اهي رائيگان نه وينديون. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته 2016ع ۾ آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کانپوءِ انٽيليجنس ايجنسين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردن کي پاڙان پٽڻ شروع ڪيو  ۽ هڪ پرامن خيبرپختونخوا جي خواب جي تڪميل جي ويجهو پهچي ويا، هن چيو ته بدقسمتي سان خيبرپختونخوا ۾ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن کي گنجائش ڏني وئي، هتي گورننس ۽ عوامي ڀلائي کي ڄاڻي واڻي ڪمزور ڪيو ويو، جنهن جو نقصان اڄ تائين خيبرپختونخوا جو بهادر ۽ غيور عوام پنهنجي رت ۽ پنهنجي قربانين ذريعي ڀوڳي رهيو آهي. هن چيو ته صرف 2024ع ۽ 2025ع ۾ پاڪستان پاران ماريل افغانين جو انگ 161 بڻجي ٿو، ان کانسواءِ افغانستان جي سرحد مان مداخلت ڪندڙ 135 خارجي ماريا ويا جڏهن ته ٻن سالن ۾ خودڪش حملا ڪندڙن مان  30 حملي آور افغان شهري هئا، اهي انگ اکر افغانستان کي ڀارت جي دهشتگردي جي بيس ڪيمپ طور ظاهر ڪن ٿا. هن چيو ته دهشتگردن ۽ ڏوهي ڌرين جي ڳٺ جوڙ کي مڪمل مقامي ۽ سياسي پٺڀرائي حاصل آهي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته 2014ع ۾ اي پي ايس سانحي کانپوءِ سمورين سياسي پارٽين، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پشاور ۾ ويٺيون ۽ هڪ متفقه لائحه عمل تيار ڪيو جنهن کي نيشنل ايڪشن پلان جو نالو ڏنو ويو ۽ سمورين سياسي پارٽين اتفاق ڪيو ته جيڪڏهن دهشتگردي کي پاڙان پٽڻو آهي ته انهن نقطن تي ڪم ڪرڻو آهي. هن ٻڌايو ته 2021ع ۾ گذريل صوبائي حڪومت جن نقطن تي ڪم ٿي چڪ هو انهن کي خارج ڪري 14 نقطن تي ٻڌل نظرثاني ٿيل نيشنل ايڪشن پلان ترتيب ڏنو ۽ سمورين سياسي اڳواڻن، سمورين سياسي پارٽين ۽ ان وقت جي صوبائي ۽ صوبائي حڪومتن فيصلو ڪيو ته جيڪڏهن دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلڻو آهي ته انهن 14 نقطن تي ڪم ڪرڻو آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت به انهي ايڪشن پلان کي ويزن عزم استحڪام جو نالو ڏنو، هن چيو ته دهشتگردي جو بنيادي سبب اهو آهي جو انهن نقطن تي عمل نه ٿي رهيو آهي، هن چيو ته ايڪشن پلان جو پهريون نقطو هي آهي ته دهشتگردن کي مارڻو آهي، صرف اهو ئي هڪ نقطو زميني ڪاررواين سان تعلق رکي ٿو، ڇا ان تي ڪم ٿي رهيو آهي يا نه، صرف خيبرپختونخوا ۾ سيڪيورٽي ايجنسيون روزاني 40 کان وڌيڪ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪري رهيون آهن، هن سال اسان 900 کان وڌيڪ دهشتگردن کي منطقي انجام تائين نه پهچايو؟ ڇا اسان جا شهيد ان ڳالهه جي گواهي نه ڏئي رهيا آهن ته پهرين نقطي تي ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته باقي 13 نقطن جو به احاطو ڪيو وڃي ته انهن تي ڪهڙو ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ٻيو نقطو هو ته ميڊيا، سوشل ميڊيا ۽ سياستدان هڪ زبان ٿي دهشتگردي خلاف بيهندا، سمورا سياسي اڳواڻ ۽ سياسي پارٽيون 2014ع کان ان ڳالهه تي متفق آهن، ڇا اسان هن بياني تي بيٺل آهيون؟ پاڪ فوج جي ترجمان سوال ڪيو ته ڇا اوهان کي اهو آواز نٿو اچي ته دهشتگردن سان ڳالهيون ڪيون وڃن، ڇا اسان ان نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪري رهيا آهيون؟ ڇا هر مسئلي جو حل ڳالهيون آهن؟ جيڪڏهن هر مسئلي جو حل ڳالهيون آهن ته جڏهن 6 ۽ 7 مئي تي ڀارت پاڪستان تي ميزائيل اڇلايا، معصوم ٻارن، عورتن، مدرسن ۽ مسجدن کي شهيد ڪيو ته ان ملڪ جي عوام اهو ڇو نه چيو ته ايندڙ ڏينهن ڳالهيون ڪري وٺون ٿا؟ ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته اوهان جي اڳواڻن فيصلو ڪيو هو ته اسان بيانيو بڻائينداسين پر گمراهه ڪندڙ بيانو بڻايو وڃي ٿو. هن چيو ته اسان نه اسان جي سياستدانن، سمورين صوبائي حڪومتن چيو ته جيڪڏهن دهشتگردي کي ختم ڪرڻو آهي، دهشتگردي ۽ ڏوهن جي ڳٺ جوڙ کي ٽوڙڻو آهي، غير قانوني ڪاروبار، منشيات، ڀتاخوري، ڀُنگ لاءِ اغوا ۽ نان ڪسٽم پيڊ گاڏين جي ناسور کان پنهنجي خطي کي پاڪ ڪرڻو آهي. هن چيو ته جڏهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهن ناسورن خلاف ڪارروائي ڪن ٿا ته انهن ڌرين جي پٺڀرائي لاءِ مختلف سياسي ۽ مقامي سطح تي آواز اٿندا آهن، فيصلو ته اوهان ڪيو هو ته ان کي ختم ڪرڻ کانسواءِ دهشتگردي ختم نٿي ٿي سگهي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته هن ملڪ جي سياستدانن ۽ سياسي حڪومتن فيصلو ڪيو ته دهشتگردي جي ڪيسن لاءِ عدالتي نظام کي مضبوط ڪرڻو آهي پر اڃان اسان ڪٿي بيٺل آهيون ته آگسٽ 2025ع ۾ خيبرپختونخوا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالتن مان ڪنهن دهشتگرد کي ڪا سزا نه ٿي، 34 ڪيس التوا ۾ آهن، 2878 التوا هيٺ ڪيس 3 سالن کان گهٽ وقت جڏهن ته 1706 ڪيسن کي 3 سالن کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي. دهشتگردي ۽ غير قانوني ڳٺ جوڙ جو حوالو ڏيندي چيو ته دهشتگردي جو پيشو غير قانوني ڪاروبار جو ڳٺ جوڙ آهي، منشيات جي 10 هزار 87 ڪيسن مان صرف 679 جوابدارن کي سزا ٿي جڏهن ته غير قانوني هٿيارن جي 33 هزار 389 ڪيسن مان صرف 6 هزار 945 جوابدارن کي سزا ٿي. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري وڌيڪ چيو ته 2014ع ۽ 2021ع ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صوبي ۾ دهشتگردي کي ختم ڪرڻو آهي ته دهشتگردي ٽوڙ کاتي (سي ٽي ڊي) کي مضبوط ڪرڻو آهي پر هن وقت سي ٽي ڊي خيبرپختونخوا جي آپريشنل صلاحيت 3200 جوانن تي ٻڌل آهي، دهشتگردي اوهان جي آڏو آهي، ڇا اهو انگ ڪافي آهي؟ هن چيو ته اسان خيبرپختونخوا جي بهادر پوليس ۽ سي ٽي ڊي کي سلام پيش ڪريون ٿا. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته نيشنل ايڪشن پلان ۾ مدرسن جي داخلا جو فيصلو ٿيو هو پر هن وقت تائين صوبي ۾ 4 هزار 355 اٽڪل 55 سيڪڙو مدرسن جي اڄ تائين داخلا ٿي سگهي آهي، اڃان داخلا ئي مڪمل نه ٿي سگهي آهي ته نصاب هڪ ڪرڻ ۽ ان جي نگراني ڪرڻ ته ڌار ڳالهه آهي. هن چيو ته جيڪڏهن سوال اهو آهي ته دهشتگردي ڇو ختم نه ٿي رهي آهي ته انهن سوال جا جواب به ڏيو. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته 2014ع ۽ پوءِ 2021ع ۾ به اهو فيصلو ڪيو ويو ته افغان پناهگيرن کي واپس موڪلڻو آهي ته اڄ اهو بيانيو ڪٿان اچي ويو ته انهن کي واپس ناهي موڪلڻو، هن سوال اٿاريو ته ڇا اوهان 2014ع ۽ 2021ع ۾ غلط هئا ۽ جڏهن افغانستان ۾ امن اچي چڪو آهي ۽ اتي ڪا به قابض فوج ناهي ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان افغان ڀائرن جي مهمانوازي ڪندڙ رياست کين واپس وڃڻ جو چوي ٿي ته ان سياست ڪئي وڃي ٿي، ان تي بيانيو بڻايو وڃي ٿو ۽ گمراهه ڪندڙ ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته دوحا معاهدي ۾ چيو ويو ته افغان سرزمين نه رڳو آمريڪا پر خطي ۾ ڪنهن خلاف به استعمال نه ٿيندي. ترجمان خيبرپختونخوا آپريشنز دوران مارجي ويل خارجين کان هٿ آيل آمريڪي هٿيارن جون تصويرون به ڏيکاريون. هن چيوته گذريل 3 مهينن ۾ دهشتگردي جا 3 هزار 984 واقعا پيش آيا، انهن مان 70 سيڪڙو خيبرپختونخوا ۾ ڇو پيش آيا؟ هي وڏو منقطي سوال آهي، جيڪو نوجوان ۽ سوشل ميڊيا به ڪري ٿو، دهشتگردي جا اهي اوقعا پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڇو نظر نٿا اچن؟ هن چيو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ دهشتگردي نه ٿيڻ جو بنيادي سبب اهو ناهي ته دهشتگرد انهن صوبن ۾ ڪم نٿا ڪرڻ چاهين ۽ پنهنجي نطرين جي اتي واڌ ويجهه نٿا چاهين،نه ان جو قطئي سبب اهو ناهي، هن چيو ته ان جو سبب اهو آهي ته انهن صوبن ۾ گورننس قائم آهي، اتي جي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قائم آهن ۽ اتي سياست ۽ دهشتگردي جي ڳٺ جوڙ ڪم نه ڪري رهيو آهي، اسان جي هن عظيم صوبي خيبرپختونخوا ۾  بدران ان جي دهشتگردي کي ڪارڪردگي، گورننس ۽ قانون جي عملداري سان ختم ڪيو وڃي، ان کي صوبائيت جو رنگ ڏنو پيو وڃي ۽ ان تي سياست ڪئي پئي وڃي. هن سوال ڪيو ته ڇا هي بذات خود هڪ ڏوهاري عمل ناهي، گورننس، ڪارڪردگي، صلاحيت ۽ سگهه ۽ سي ٽي ڊي جي جوانن جي انگ کي وڌائڻ، عدالتي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ غير قانوني افغان پناهگيرن کي واپس موڪلڻ بدران هڪ ڪنفيوزن ۽ ابهام پيدا ڪيو وڃي. هن چيو ته انهي سببن جي بنياد تي آرمي چيف واضح طور تي چئي چڪو آهي ته گورننس جي خال کي پاڪ فوج جا آفيسر، جوان، پوليس جا آفيسر ۽ جوان، ٻار ۽ اسان جا ادارا پنهنجي رت سان ڀري رهيا آهن. هن سوال ڪيو ته جيڪڏهن گورننس جي خال کي ناهي ڀرڻو ۽ متفقه نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ناهي ڪرڻو ته پوءِ خيبرپختونخوا کي دهشتگردي جي ناسور مان ڪيئن ڇوٽڪارو ملندو؟ ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري واضح ڪيو ته پاڪستان جي رياست جي دهشتگردي ٽوڙ آپريشن جي حوالي سان جيڪو ڪوڙو، فرضي ۽ من گهڙت بيانيو بڻايو پيو وڃي ۽ شهيدن ۽ پاڪ فوج ۽ پوليس جي قربانين جو مذاق اڏاريو پيو وڃي، اهو سياسي ۽ مجرماڻو ڳٺ جوڙ جي ناپاڪ ارادن جي عڪاسي ڪري ٿو، خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي پٺيان اهو ئي سياسي ۽ مجرماڻو ڳٺ جوڙ آهي. هن چيو ته اسان واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته پاڪستاني عوام جي سيڪيورٽي ڪنهن ٻي ملڪ، خاص ڪري افغانستان کي نٿي ڏئي سگهجي، صرف رياست، پاڪ فوج ۽ ان جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ئي پاڪستان جي عوام جي سلامتي جا ضامن آهن. پاڪ فوج جي ترجمان واضح ڪيو ته پاڪ فوج ۽ ان جي ادارن کي ڪنهن سياسي ڪرتبن سان پريشان نٿو ڪري سگهجي، رياست پاڪستان ۽ ان جي عوام کي ڪنهن فرد واحد جي خواهش جي ور نٿو چاڙهي سگهجي. هن چيو ته ڪنهن فرد واحد کي اها اجازت نٿي ڏئي سگهجي ته هو پنهنجي ذات ۽ پنهنجي مفادن لاءِ پاڪستان ۽ خيبرپختونخوا جي غيور ۽ باعزت عوام جي جان، مال ۽ عزت آبرو جو سودو ڪري، هن چيو ته پاڪ فوج آئين ۽ قانون موجب خيبرپختونخوا ۾ داخلي سلامتي جا فرض سرانجام ڏئي رهي آهي، جنهن جي بنيادي ذميواري صوبائي ۽ مقامي انتظاميه تي آهي، اسان اميد ڪريون ٿا ته ناڪاري سياست ، الزام تراشي ۽ ڏوهاري مافيا جي سهولتڪاري بدران اوهان پنهنجي ان بنيادي ذميواري تي ڌيان ڏيندا. هن چيو ته اسان اها به اميد ڪريون ٿا ته اوهان خيبرپختونخوا جي غيور عوام جي حفاظت لاءِ افغانستان کان سيڪيورٽي جي خيرات گهرڻ بدران پنهنجي صوبي جا ذميوار هوندي ان جي پاڻ حفاظت ڪندا جيڪو نه رڳو خيبرپختوخوا جي عوام جو حق آهي پر اوهان جو فرض آهي. ترجمان چيو ته پاڪ فوج اها ڳالهه به واضح ڪرڻ چاهي ٿي ته خارجي دهشتگرد ۽ انهن جا سهولتڪار چاهي اهو ڪير به هجي ۽ ڪهڙي به عهدي تي هجي ان لاءِ زمين تنگ ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ ته پاڪستاني قوم شيهي جي ديوار بنيادن مرصوص وانگر دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف بيٺل آهي ۽ انشاءُ الله بيٺل رهندي ۽ اسان جي شهيدن جو رت ڪڏهن به رائيگان نه ويندو. ترجمان چيو ته اسان اهو به واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته هاڻ اسٽيٽس ڪو نه هلندو، جيڪو شخص يا گروه پنهنجي مجبوري يا ڪنهن فائدي سبب خارجين جي سهولتڪاري ڪري رهيو آهي ان وٽ 3 رستا آهن، پهرين اهو ته هو پاڻ انهن خارجين کي رياست حوالي ڪري يا وري دهشتگردي خلاف ڪاررواين ۾ رياستي ادارن سان گڏجي انهن ناسور کي منطقي انجام تائين پهچائي ته جيئن معصوم عوام جو نقصان نه ٿئي. ٽيون رستو ٻڌائيندي هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اهي ٻئي ڪم ناهن ڪرڻا ته پوءِ خارجين جا سهولتڪار  هوندي رياست پاڪستان جي ڀرپور ايڪشن لاءِ تيار ٿي وڃو. ترجمان صوبي جي شهيدن جون تصويرون ڏيکاريندي روئڻهڪاري آواز ۾ چيو ته هي ڌرتي جا اهي بهادر آهن جن اوهان لاءِ جان ڏني آهي، سندن شهادتن ۽ قربانين تي ڪنهن کي سياست جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان زنده باد رهندو ۽ خيبرپختونخوا زنده رهندو، ان حقيقت کي ڪير به تبديل نٿو ڪري سگهي. هن افغانستان ۾ ڇڏيل آمريڪي هٿيارن جي دهشتگردن ذريعي استعمال ٿيڻ جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته ضروري ناهي ته اهي هٿيار ۽ سامان فتن الخوارج ۽ فتن الهندساتن ئي استعمال ڪري، هي سامان ۽ هٿيار ڪٿي به استعمال ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته پاڻ آمريڪي حڪومت به فڪرمند آهي ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا بيان به رپورٽ ٿيا آهن جن ۾ سندس چوڻ هو ته انهن هٿيارن ۽ سامان کي واپس ورتو ويندو. هن چيو ته اهو فيصلو ڪرڻو افغانستان جي حڪومت جو ڪم آهي ته هو غير رياستي ڌرين جي سرپرستي چاهي ٿي يا نه، اسان جو ڪم صرف کين پيغام پهچائڻ آهي ۽ هو  هم زباني ۽ عملي طور ڪم ڪري رهيا آهن، اسان بلڪل واضح آهيون ته اسان کي انهن کي ڪيئن منهن ڏيڻو آهي. نيشنل ايڪشن پلان جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته شيون ڪيئن تبديل ٿينديون آهن، شيون ان وقت تبديل ٿينديون آهن جڏهن اسان ۾ يڪجهتي هوندي ۽ اسان نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪنداسين، اسان بار بار چئي چڪا آهيون ته دهشتگردن سان پوري قوم کي وڙهڻو آهي. هن چيو ته جيڪي سياست ڪرتب بيان ڪن ٿا انهن جون گريبان پڪڙيون ۽ کائن پڇون ته تون اسان جي جان، عزت ۽ مال سان ڇو کيڏي رهيو آهين ۽ دهشتگردي جي بياني کي ڇو سپورٽ ڪري رهيو آهين. ڊي جي آءِ ايس پي آر هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته دهشتگردي ائين ختم نه ٿيندي ته اسان دهشتگرد ۽ انهن جي سهولتڪارن کي هڪجهڙو سمجهون، جيڪي دهشتگردي جي سهولتڪاري ڪري رهيا آهن ۽ هن هٿيار پنهنجي گهر ۾ رکيو آهي ته ان ۾ ۽ دهشتگردن ۾ ڪهڙو فرق آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته سياسي حڪومت ڪڏهن هي چوندي آهي ته ڳالهين سان مسئلو حل ٿي وڃي ۽ ڪڏهن چوندي آهي ته ڪابل جي اڳيان جهڪڻ سان مسئلو حل ٿي ويندو، ته انهن جي بياني جو ننڍو حصو آهي، جيڪو دهشتگردن جو سهولتڪار ماريو ويو ان سهولتڪار جي وارثن کي پئسا ڏئي ان جو رتبو وڌائڻ حڪومت لاءِ تمام آسان آهي،. هن چيو ته  اوهان گورننس ۽ ڪرپشن تي ڇو نٿا ڳالهايو، ڇاڪاڻ ته هر لمحو ان جي بياني جو بنياد صرف سيڪيورٽي مسئلن تي آهي، باقي صوبا دهشتگردي خلاف جنگ لاءِ اين ايف سي جو هڪ سيڪڙو ڏئي رهيا آهن، هتان کان نٿو ڏنو وڃي اهو ڪٿي وڃي ٿو، ترقياتي منصوبن تي ڪم نه ٿي رهيو آهي، عوام لاءِ ڪم ٿيڻ گهربو هو، ڇو نه ٿيو، هتي 40 ارب روپين جي ڪرپشن هڪ پٺتي پيل ضلعي ۾ وچولي درجي جي ٺڪيدار وٽان نڪري آئي، ان تي اوهان سوال نٿا اٿاريو ته دهشتگردي جي مٿان بيانو ان ڪنفيوزن ۾ رکيو وڃي. ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته اوهان کي اهو ڪو به نه ٻڌائيندو ته افغانستان سان ڊگهي سرحد تي ٻي طرف اسان جي فوج کي انگيج ڪري دهشتگردن ۽ اسمگلرن کي سرحد پار ڪرائي وڃي ٿي، ڪوڙ ۽ ڪنفيوزن تي ٻڌل بيانيو ان ۾ مهارت حاصل ٿي چڪي آهي ۽ ان لاءِ سوشل ميڊيا جو وڏي پئماني تي استعمال ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام کي ديانتداري سان سچ ڳالهائڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته ان ناڪاري سياست جو، ان گمراهه بياني جو نقصان ڏهاڪن کان خيبرپختونخوا ڀوڳي رهيو آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ اسان سڀني کي ان ناڪاري پروپيگنڊا خلاف هڪ زبان ٿي بيهڻو پوندو ۽ ڪوڙ ۽ غلاظت سان ڀريل سياست کان اوهان کي پري ڪرڻو پوندو، اسان وٽ ان کانسواءِ ڪا به چوائيس ناهي ۽ اسان اهو ئي ڪنداسين. ڊي جي آءِ ايس پي آر هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان جي دهشتگردي خلاف جنگ ڪنهن به سياسي رڪاوٽ کانسواءِ جاري رهندي، هي اسان جي بقاءَ جي جنگ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان جي 14 نقطن تي جيڪو عمل نٿو ڪرڻ چاهي ان جا پنهنجا ذاتي، مالي ۽ سياسي فائدا آهن، اسان جا جوان ۽ آفيسر ڪنهن ذاتي يا مالي فائدي لاءِ نه پر پاڪستان لاءِ گولي کائين ٿا، جيڪڏهن اسان کي هڪ آزاد، غيرتمند ۽ خوددار قوم جي حيثيت سان جيڻو آهي ته پوءِ چوائيس هڪ ئي آهي ته ۽ اها هي آهي ته اسان کي دهشتگردن، انهن خوارجين ۽ انهن جي سهولتڪارن سان وڙهڻو آهي ۽ ان ناسور کي ختم ڪرڻو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان رياست جو ادارو آهيون ۽ اسان لاءِ سموريون سياسي پارٽيون ۽ سمورا سياسي اڳوان احترام جوڳا آهن، پر جيڪڏهن ڪا به پارٽي يا ڪو شخص اهو سمجهي ٿو ته سندس سياست هن رياست کان وڏي آهي ته اهو اسان کي قبول ناهي. هن چيو ته پاڪستان جي آئين موجب ملڪ ۾ جمهوريت آهي، ۽ اسان لاءِ هي انتهائي قابل احترام آهي ۽ ان ۾ پاڪستان جو مستقبل آهي، انهي جمهوري نظام اندر ئي ملڪ کي پاڻ کي بهتر ڪرڻو آهي ۽ اڳتي وڌڻو آهي، اسان هڪ رياستي اداري طور چئون ٿا ته اسان کي پنهنجي سياست لاءِ استعمال نه ڪريو، اسان رياست ۽ عوام لاءِ جان ڏيون ٿا، اسان ڪنهن جي سياست جي جنگ نٿا وڙهون، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته جيستائين سياسي ۽ مجرماڻي ڳٺ جوڙ ذريعي دهشتگردي کي باقي رهڻ لاءِ سهارو ڏنو ويندو، اسان جا جوان شهيد ٿيندا رهندا ۽ اهو سلسلو ان وقت تائين هلندو رهندو جيستائين پاڪستان جو عوام ان گمراهه ڪندڙ سياسي پروپيگنڊا آڏو سوال نٿو اٿاري، جستائين اوهان انهن 14 نقطن تي پوري عمل نه ٿا ڪريو، هي سلسلو ان وقت تائين هلندو جيستائين اسان اهو نٿا ڄاڻي وٺون ته پاڪستان جي تحفظ جا ضامن اسان پاڻ آهيون.

مزید خبریں