نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت ۾ بين الحڪومتي واپاري ڏيتي ليتي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ بين الحڪومتي واپاري ڏيتي ليتي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سرڪاري ادارن جي نجڪاري بابت جاري قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڪميٽي سرمائي جي منتقلي جي عمل کي شفاف ۽ موثر بڻائڻ، ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ ۽ اقتصادي …

اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ بين الحڪومتي واپاري ڏيتي ليتي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سرڪاري ادارن جي نجڪاري بابت جاري قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڪميٽي سرمائي جي منتقلي جي عمل کي شفاف ۽ موثر بڻائڻ، ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ ۽ اقتصادي سڌارن تحت نجي شعبي جي شموليت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ بين الحڪومتي معاهدن کي حتمي شڪل ڏيڻ تي غور ڪيو. نجڪاري ڊويزن پاران پيش ڪيل سمري تي ڪميٽي فرسٽ وومين بئنڪ لميٽيڊ (ايف ڊبليو بي ايل) جي حواله قيمت جي منظوري ڏني جيڪو پاڪستان جي بئنڪاري شعبي ۾ گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪاري جي فروغ طرف هڪ اهم سنگ ميل آهي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير، خاص معاون طارق باجوه، ريلوي واري خاص معاون، ڪابينا سيڪريٽري، نجڪاري واري سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں