پاڪستان، آذربائيجان ۽ ترڪيه تي ٻڌل ٽه ڌريو اسپيڪرز اجلاس 13 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندو

اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان، آذربائيجان ۽ ترڪيه تي ٻڌل ٽه ڌريو اسپيڪرز اجلاس 13 آڪٽوبر سومر تي اسلام آباد ۾ ٿيندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب قومي اسيمبلي جي ميزباني ۾ ٽئين ٽه ڌرئي اسپيڪرز اجلاس جو مقصد ٽنهي ملڪن وچ ۾ علائقائي امن جي حوالي سان پارلياماني رابطن کي مستحڪم بڻائڻ ۽ خوشحالي سميت ٽنهي ملڪن وچ ۾ ڀائيچاري تي ٻڌل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ آهي. …

اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان، آذربائيجان ۽ ترڪيه تي ٻڌل ٽه ڌريو اسپيڪرز اجلاس 13 آڪٽوبر سومر تي اسلام آباد ۾ ٿيندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب قومي اسيمبلي جي ميزباني ۾ ٽئين ٽه ڌرئي اسپيڪرز اجلاس جو مقصد ٽنهي ملڪن وچ ۾ علائقائي امن جي حوالي سان پارلياماني رابطن کي مستحڪم بڻائڻ ۽ خوشحالي سميت ٽنهي ملڪن وچ ۾ ڀائيچاري تي ٻڌل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ آهي. مهمان اسپيڪرز 12 آڪٽوبر تي اسلام آباد پهچندا، 13 آڪٽوبر تي ايگزيڪيٽو ميٽنگ آف دي اسپيڪرز آف پارليامينٽ ٿيندي جنهن کانپوءِ ٽه ڌرئي اسپيڪرز اجلاس جو افتتاحي سيشن ٿيندو. افتتاحي اجلاس کانپوءِ مهمان اسپيڪرز اين ڊي ايم اي جو دورو ڪندا. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب مهمان اسپيڪرز صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان به ملاقاتون ڪندا. ان موقعي تي پارليامينٽرينز جي سطح تي موسمياتي تبديلين، قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ، پائيدار ترقي، علائقائي سالميت ۽ خودمختياري جي تحفظ جي موضوعن تي بحث ٿيندو. 13 آڪٽوبر تي ئي ٽه ڌرئي اسپيڪرز اجلاس جي پڌرائي تي صحيحن جي تقريب ٿيندي. 14 آڪٽوبر تي مهمان اسپيڪرز پنهنجي پنهنجي وفدن سان لاهور روانا ٿيندا جتي هو شاعر مشرق علامه محمد اقبال جي مزار تي حاضري ڏيندا ۽ ان موقعي تي پنجاب جي وزيراعليٰ سان به ملاقات ڪندا. مهمان اسپيڪرز ۽ سندن وفدن لاءِ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر طرفان لاهور جي شاهي قلعه ۾ هڪ ثقافتي پروگرام پيش ڪيو ويندو جنهن کانپوءِ مهمانن جي مان ۾ آجياڻو به ڏنو ويندو.

مزید خبریں