اوسلو – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) وينزويلا جي مخالف ڌر اڳواڻ ماريا ڪورينا مچاڊو 2025ع جو امن جو نوبل انعام کٽي ورتو. رائٽرز موجب ناروي جي گادي واري شهر اوسلو ۾ منعقد تقريب ۾ وينزويلا جي مخالف ڌر اڳواڻ ماريا ڪورينا مچاڊو کي 2025ع جي امن جو نوبل انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. نوبل ڪميٽي موجب امن انعام وينزويلا جي جمهوريت نواز اڳواڻ ماريا ڪورينا مچاڊو جي نالي …
وينزويلا جي مخالف ڌر اڳواڻ ماريا ڪورينا مچاڊو 2025ع جو امن جو نوبل انعام کٽي ورتو
اوسلو – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) وينزويلا جي مخالف ڌر اڳواڻ ماريا ڪورينا مچاڊو 2025ع جو امن جو نوبل انعام کٽي ورتو. رائٽرز موجب ناروي جي گادي واري شهر اوسلو ۾ منعقد تقريب ۾ وينزويلا جي مخالف ڌر اڳواڻ ماريا ڪورينا مچاڊو کي 2025ع جي امن جو نوبل انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. نوبل ڪميٽي موجب امن انعام وينزويلا جي جمهوريت نواز اڳواڻ ماريا ڪورينا مچاڊو جي نالي رهيو، ماريا ڪورينا مچاڊو کي امن جو نوبل انعام وينزويلا جي عوام جي جمهوري حقن جي فروغ جي لاءِ ڪوششن ۽ آمريت کان جمهوريت جي منصفاڻي ۽ پرامن منتقلي جي جدوجهد تي ڏنو ويو. واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ امن جو نوبل انعام پنهنجي نالي ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. هلندڙ سال نوبل امن انعام جي لاءِ 300 کان وڌيڪ ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو هو.








