پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ستون اجلاس ايندڙ سال اسلام آباد ۾ ٿيندو

اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ستون اجلاس ايندڙ سال اسلام آباد ۾ ٿيندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ڇهون اجلاس دوشنبي ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (اولهه ايشيا) سيد …

اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ستون اجلاس ايندڙ سال اسلام آباد ۾ ٿيندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ڇهون اجلاس دوشنبي ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (اولهه ايشيا) سيد علي اسد گيلاني ڪئي جڏهن ته تاجڪستان پاران نائب پرڏيهي وزير فرخضوار فضو سربراهي ڪئي. شفقت علي خان چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ سياسي ۽ پارلياماني لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري، دفاع ۽ سلامتي، توانائي، رابطن، ثقافتي ۽ تعليمي مٽاسٽا، گهڻ رخي تعاون ۽ قونصلر معاملن سميت ٻطرفي معاملن جي وسيع معاملن جو احاطو ڪيو ويو. هن ٽيڪسٽائيل، لاجسٽڪس، زراعت ۽ خوراڪ ۽ فارماسيوٽيڪلز ۾ وڌندڙ تعاون جي ذريعي واپار کي وڌائڻ جي معاملن تي غور ڪيو. هن علائقائي چرپر جي لنگهن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ ڪاسا – 1000 جي جلد آپريشنلائيزيشن جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو جنهن جو مقصد علائقائي انضمام ۽ توانائي جي سلامتي کي مضبوط بڻائڻ آهي. اجلاس ۾ دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون جو جائزو ورتو ويو جنهن ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن، تربيتي پروگرامن ۽ دورن جي مٽاسٽا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌرين 2026ع ۾ اسلام آباد ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ستون اجلاس منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں