سيئول-10 آڪٽوبر(اي پي پي) اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان ملڪ کي هڪ سوشلسٽ پيراڊائيز ۾ تبديل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ميديا موجب اهو اعلان هن ورڪرز پارٽي آف ڪوريا جي قيام جي 80 هين سالگره جي موقعي تي هڪ خصوصي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪم جونگ ان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان جي پارٽي جا حامي عوام ۽ ان جي يڪجهتي تي اعتماد …
اتر ڪوريا پاران ملڪ کي سوشلسٽ پيراڊائيز بنائڻ جو اعلان
سيئول-10 آڪٽوبر(اي پي پي) اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان ملڪ کي هڪ سوشلسٽ پيراڊائيز ۾ تبديل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ميديا موجب اهو اعلان هن ورڪرز پارٽي آف ڪوريا جي قيام جي 80 هين سالگره جي موقعي تي هڪ خصوصي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪم جونگ ان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان جي پارٽي جا حامي عوام ۽ ان جي يڪجهتي تي اعتماد سان مان هن ملڪ کي وڌيڪ خوشحال ۽ خوبصورت بڻائيندس ۽ دنيا جي سڀ کان بهترين سماجي جنت تعمير ڪندس. هن زور ڀريو ته اتر ڪوريا جو عوام لڳاتار محنت ڪندو رهيو ته زندگي جي معيار ۾ نمايان بهتري ممڪن آهي ۽ سمورا هدف حاصل ڪري سگهجن ٿا. ان تقريب ۾ روس جي وفد به شرڪت ڪئي جنهن جي اڳواڻي روس جي سلامتي ڪائونسل جي ڊپٽي چيئرمين ۽ يونائيٽڊ رشيا پارٽي جي نمائندي ڪئي. اهو بيان هڪ اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن ته اتر ڪوريا کي عالمي پابندين، معاشي چئلينجز ۽ علائقائي تڪرار درپيش آهن پر حڪومت اندروني استحڪام ۽ ترقي جي بيانيي کي اجاگر ڪري رهي آهي.








