نيويارڪ/رياض-10 آڪٽوبر(اي پي پي)سعودي عرب ۾ يونيورسٽي آف نيوهيون جو ڪيمپس سال 2026ع جي سرءُ جي موسم ۾ کلي ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب يونيورسٽي آف نيوهيون سعودي عرب ۾ ڪيمپس کولڻ جي منظوري حاصل ڪندڙ پهريون آمريڪي تعليمي ادارو آهي. ياد رهي ته سعودي ڪابينا گذريل اجلاس ۾ رياض ۾ يونيورسٽي آف نيوهيون جي قيام جي منظوري ڏني وئي هئي. يونيورسٽي جي صدر ڊاڪٽر جينس فريڊرڪسن ٻڌايو ته رياض ۾ ڪيمپس …
آمريڪي يونيورسٽي آف نيوهيون پاران ايندڙ سال سعودي عرب ۾ ڪيمپس کوليو ويندو
نيويارڪ/رياض-10 آڪٽوبر(اي پي پي)سعودي عرب ۾ يونيورسٽي آف نيوهيون جو ڪيمپس سال 2026ع جي سرءُ جي موسم ۾ کلي ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب يونيورسٽي آف نيوهيون سعودي عرب ۾ ڪيمپس کولڻ جي منظوري حاصل ڪندڙ پهريون آمريڪي تعليمي ادارو آهي. ياد رهي ته سعودي ڪابينا گذريل اجلاس ۾ رياض ۾ يونيورسٽي آف نيوهيون جي قيام جي منظوري ڏني وئي هئي. يونيورسٽي جي صدر ڊاڪٽر جينس فريڊرڪسن ٻڌايو ته رياض ۾ ڪيمپس کولڻ سان شاگردن کي عالمي ماحول ۾ ڪاميابي لاءِ بهتر پوزيشن سميت ڪيرئير جي هدفن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ سمجهڻ ۽ سکڻ جو هڪ مضبوط بنياد ملندو. هن چيو ته ڪيمپس هڪ اهڙي ملڪ ۾ اڪيڊمڪ سهولت جي وسيع رينج فراهم ڪندو جيڪو وچ اوڀر ۽ دنيا ۾ موقعن لاءِ هڪ گيٽ وي آهي. رياض ڪيمپس ۾ ڪاليج آف بزنس اينڊ ڊجيٽل انوويشن، ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ايڊوانسڊ مينو فيڪچرنگ ۽ ڪاليج آف آرٽس اينڊ اپلائيڊ سائنسز هوندو.








