آمريڪا طرفان غزه ۾ جنگ بندي جي نگراني لاءِ 200 آمريڪي فوجي وچ اوڀر موڪلڻ جو اشارو

واشنگٽن – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽياڪڙي ۾ ٿيل عزه امن معاهدي کانپوءِ آمريڪا 200 رڪني فوجي جٿو وچ اوڀر ۾ مقرر ڪندو ته جيئن جنگبندي جي نگراني ڪري سگهجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جو سربراهه ايڊمرل بريڊڪوپر ان مشن جي قيادت ڪندو. هڪ اعليٰ اهلڪار مطابق ايڊمرل ڪوپر شروعاتي طور تي 200 اهلڪارن سان ميدان ۾ هوندو. سندس ڪردار جنگبندي جي …

واشنگٽن – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽياڪڙي ۾ ٿيل عزه امن معاهدي کانپوءِ آمريڪا 200 رڪني فوجي جٿو وچ اوڀر ۾ مقرر ڪندو ته جيئن جنگبندي جي نگراني ڪري سگهجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جو سربراهه ايڊمرل بريڊڪوپر ان مشن جي قيادت ڪندو. هڪ اعليٰ اهلڪار مطابق ايڊمرل ڪوپر شروعاتي طور تي 200 اهلڪارن سان ميدان ۾ هوندو. سندس ڪردار جنگبندي جي نگراني، مشاهدو ۽ ڀڃڪڙين کي روڪڻ هوندو. هن ٻڌايو ته ان ٽيم ۾ مصر، قطر، ترڪيه ۽ امڪاني طور تي گڏيل عرب امارات جا فوجي آفيسر پڻ شامل هوندا. هڪ ٻئي اهلڪار وضاحت ڪئي ته ڪنهن به آمريڪي فوجي جو غزه ۾ داخل ٿيڻ جو ڪو ارادو ناهي، اها ٽيم رڳو نگراني ۽ هم آهنگي لاءِ آهي. هن وڌيڪ چيو ته اها ٽيم ان خيال تحت ٺاهي وئي آهي ته اها هڪ گڏيل، سهڪار تي ٻڌل ماحول ۾ ڪم ڪندي. اسرائيلي اختياريون به ان ٽيم سان مسلسل رابطي ۾ هونديون.