فرانس ۾ مقرر پاڪستان جي سفير ممتاز زهره بلوچ پاران پرنسپلٽي آف موناڪو ۾ سفير طور پنهنجون سندون پيش

پيرس-10 آڪٽوبر (اي پي پي)فرانس ۾ مقرر پاڪستان جي سفير ممتاز زهره بلوچ پرنسپلٽي آف موناڪو ۾ سفير طور پنهنجون سندون پيش ڪري ڇڏيون. فرانس ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي آفيشل ايڪس تي پوسٽ مطابق پاڪستاني سفير 07 آڪٽوبر 2025ع تي موناڪو جي شاهي محل ۾ منعقد ٿيل شاندار تقريب ۾ پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. شاهي محل آمد تي پاڪستاني سفير ممتاز زهره بلوچ پرنسپلٽي آف موناڪو جي محافظ ڪمپني …

پيرس-10 آڪٽوبر (اي پي پي)فرانس ۾ مقرر پاڪستان جي سفير ممتاز زهره بلوچ پرنسپلٽي آف موناڪو ۾ سفير طور پنهنجون سندون پيش ڪري ڇڏيون. فرانس ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي آفيشل ايڪس تي پوسٽ مطابق پاڪستاني سفير 07 آڪٽوبر 2025ع تي موناڪو جي شاهي محل ۾ منعقد ٿيل شاندار تقريب ۾ پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. شاهي محل آمد تي پاڪستاني سفير ممتاز زهره بلوچ پرنسپلٽي آف موناڪو جي محافظ ڪمپني ڊيس ڪيئر بينيرز جو معائنو ڪيو ان بعد کيس شاهي محل جي هال آف مررز ۾ آندو ويو جتي هن پرنسپلٽي آف موناڪو جي فرمانروا شهزاده البرٽ2 کي باضابطه پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. سندون پيش ڪرڻ بعد پاڪستاني سفير ممتاز زهره بلوچ صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ وزير اعظم محمد شهباز شريف جي نيڪ خواهشن جا پيغام شهزاده البرٽ کي پهچايا. هن موناڪو سان ٻه طرفين ڳالهين ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي پاڪستان جي پرخلوص خواهش جو پڻ اظهار ڪيو.

مزید خبریں