اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ نيشنل انٽر ايجنسي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ فيڊرل سيڪريٽري هيلٿ، ڊي جي ايف ڊي آءِ سميت مختلف وفاقي ۽ صوبائي کاتن ۽ عالمي حصيدار ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 17 کان 29 نومبر 2025ع تائين جاري رهندڙ سڄي ملڪ ۾ خسره ۽ روبيلا (ايم آر) ويڪسينيشن مهم جي تيارين …
صحت واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ نيشنل انٽر ايجنسي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ نيشنل انٽر ايجنسي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ فيڊرل سيڪريٽري هيلٿ، ڊي جي ايف ڊي آءِ سميت مختلف وفاقي ۽ صوبائي کاتن ۽ عالمي حصيدار ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 17 کان 29 نومبر 2025ع تائين جاري رهندڙ سڄي ملڪ ۾ خسره ۽ روبيلا (ايم آر) ويڪسينيشن مهم جي تيارين ۽ انتظامن جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته خسره ۽ روبيلا هاڻي به پاڪستان ۾ اهم عوامي صحت جي چئلينجز ۾ شامل آهن. انهن بيمارين کان بچاءُ لاءِ وقت سر ويڪسينيشن ۽ موثر آگاهي مهم ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته وفاق سمورن صوبن سان ويجهي رابطي ۽ موثر ڪوآرڊينيشن ذريعي مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. صحت واري وزير هدايت ڪئي ته عوامي آگاهي مهم لاءِ پيغام پهچائڻ کي وڌيڪ موثر ۽ جامع بڻايو وڃي ته جيئن ٻارن جي ويڪسينيشن يقيني ٿي سگهي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عوام کي بيمارين کان بچائڻ حقيقي معنيٰ ۾ هيلٿ ڪيئر آهي. اسان ان مقصد لاءِ سمورن امڪاني قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. هن چيو ته آئنده ايم آر ويڪسينيشن مهم ۾ 5 سالن تائين جي عمر جي هر ٻار جي ويڪسينيشن کي يقيني بڻايو وڃي ۽ وڌ کان وڌ ڪوريج حاصل ڪرڻ لاءِ سمورا ادارا متحرڪ ڪردار ادا ڪن.











