وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران اورڪزئي ۾ فتنه الخوارج خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي جي ساراهه

اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اورڪزئي ۾ فتنه الخوارج خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي کي ساراهيندي دهشتگردي جي خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز 30 خوارجي دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائي هڪ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز …

اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اورڪزئي ۾ فتنه الخوارج خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي کي ساراهيندي دهشتگردي جي خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز 30 خوارجي دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائي هڪ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. وفاقي وزير چيو ته قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.هن جو چوڻ هو ته فتنه الخوارج جي دهشتگردن کي پاڪستان ۾ ڪنهن به هنڌ تي لڪڻ نه ڏينداسين.

مزید خبریں