اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اڄ جڏهن دنيا ذهني صحت جو عالمي ڏينهن ملهائي رهي آهي، آئون پاڪستان سميت سڄي دنيا جي انهن سمورن ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪريان ٿو جيڪي ذهني صحت جي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. صدر ذهني صحت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هن سال جو موضوع اسان …
پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 2 ڪروڙ 40 لک ماڻهُو ذهني صحت جي مسئلن ۾ ورتل آهن: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اڄ جڏهن دنيا ذهني صحت جو عالمي ڏينهن ملهائي رهي آهي، آئون پاڪستان سميت سڄي دنيا جي انهن سمورن ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪريان ٿو جيڪي ذهني صحت جي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. صدر ذهني صحت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هن سال جو موضوع اسان کي ياد ڏياري ٿو ته ذهني صحت ڪو جدا مسئلو نه آهي پر اهو اسان جي ذاتي ڀلائي، خانداني استحڪام، معاشرتي هم آهنگي ۽ قومي ترقي جو بنياد آهي. هن چيو ته سٺي ذهني صحت انسان جي عزت نفس، صلاحيت ۽ اميد جو بنياد آهي، پاڪستان کي هن وقت معاشي دٻاءُ، تيز رفتار شهري آبادي، قدرتي آفتن، لڏپلاڻ، غربت ۽ تڪرارن ۽ صدمن جي اثرن جهڙا چئلينجز درپيش آهن جيڪي اسان جي قوم جي ذهنن ۽ دلين تي اڻ ڏٺل زخم ڇڏين ٿا. صدر چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ 40 لک ماڻهن کي ڪنهن نه ڪنهن قسم جي ذهني صحت جي سارسنڀال جي ضرورت آهي، هر پنج مان هڪ بالغ ماڻهو ڊپريشن يا پريشاني جو شڪار آهي جڏهن ته شيزو فرينيا ۽ باءِ پولر ڊس آرڊر جهڙا شديد مسئلا هڪ کان ٻه سيڪڙو آبادي کي متاثر ڪن ٿا. ان جي ابتڙ پوري ملڪ ۾ رڳو 500 تربيت يافته ماهر نفسيات موجود آهن جيڪي 24 ڪروڙ کان وڌيڪ عوام جي لاءِ ناڪافي آهن. هن چيو ته ان چئلينج کي تسليم ڪندي پاڪستان حڪومت قومي صحت واري وزارت جي ذريعي ذهني صحت کي عوامي صحت جي نظام جو حصو بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي، بنيادي صحت مرڪزن تي ذهني صحت جون سهولتون متعارف ڪرايون پيون وڃن جڏهن ته ٽيلي مينٽل هيلٿ پليٽ فارمز جي ذريعي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن تائين پهچ ممڪن بڻائي پئي وڃي. هن چيو ته ڪميونٽي هيلٿ ورڪرز کي شروعاتي اطلاع جي سڃاڻپ ۽ مدد فراهم ڪرڻ جي تربيت ڏني پئي وڃي ۽ آگاهي مهمن جي ذريعي سماجي نفرت ۽ غلط فهمين جو خاتمو ڪيو پيو وڃي. صدر چيو ته اسان ذهني صحت بابت پاليسي ۽ قانونسازي جي نظام کي مضبوط بڻائڻ جي پڻ ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جيئن ان کي قومي صحت جي منصوبابندي ۾ ان جو جائز مقام ملي. هن چيو ته قومي بجيٽ ۾ ذهني صحت جي لاءِ وسيلن ۾ اضافو، اسڪولن ۾ ڪائونسلنگ پروگرامز جو دائرو وڌائڻ ۽ يونيورسٽين ۽ غيرسرڪاري تنظيمن سان حصيداري جهڙا قدم اسان جي ڪوششن جو حصو آهن، اهي سڀ قدم هڪ صحتمند پاڪستان طرف اهم سنگ ميل آهن. صدر چيو ته رڳو رياست ان جدوجهد کي اڪيلي سر ڪامياب نه ٿي بڻائي سگهي، خاندانن کي گهرجي ته اهي کلي دل سان ڳالهه ٻولهه ۽ همدرديءَ کي فروغ ڏين. صدر چيو ته اسڪولن کي ٻارن جي لاءِ محفوظ ماحول فراهم ڪرڻو پوندو جتي اهي پنهنجون مشڪلاتون ونڊي سگهن، آفيسن ۾ اهڙيون پاليسيون اختيار ڪيون وڃن جيڪي ملازمن جي ذهني صحت جو تحفظ ڪن. هن چيو ته مذهبي، ثقافتي ۽ سماجي اڳواڻ بدنامي جي خلاف آواز اٿارين ۽ وقت سر مدد وٺڻ جي حوصلا افزائي ڪن، گڏيل طور تي اسان هڪ اهڙو معاشرو جوڙي سگهون ٿا جتي ڪو به پاڪستاني ذهني صحت جي مسئلي جي ڪري پاڻ کي شرمنده يا اڪيلو محسوس نه ڪري. صدر چيو ته ذهني صحت جي عالمي ڏينهن جي هن ڏينهن، آئون هر شهري کي اپيل ڪريان ٿو ته اهو همدرديءَ، برداشت ۽ شعور جو سفير بڻجي، سماجي نفرت جي خلاف آواز اٿاري، پنهنجي دوستن، پاڙيسرين ۽ ساٿين جو ساٿ ڏي. هن چيو ته جيڪڏهن توهان پاڻ ڪنهن ذهني دٻاءُ يا پريشاني جو شڪار آهيو ته ڄاڻي وٺو ته مدد گهرڻ ڪمزوري نه آهي پر همٿ جي علامت آهي. آصف علي زرداري چيو ته صدر طور آئون اهو وچن ڪريان ٿو ته ذهني صحت قومي ترجيح بڻيل رهندي. اچو اسان سڀ گڏجي هڪ اهڙو پاڪستان تعمير ڪريون جتي هر ماڻهو عزت، اميد ۽ حوصلي سان جيئڻ جو حق رکندو هجي ۽ جتي ذهني صحت جي مسئلن کي نظرانداز نه ڪيو وڃي. صدر چيو ته الله تعاليٰ اسان جي ڪوششن کي ڪامياب ڪري ۽ سمورن متاثر ماڻهن کي شفا ۽ قوت عطا فرمائي.











