اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اورڪزئي ۾ 30 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز جا آفيسر ۽ جوان پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ئي ملڪ دشمن عنصرن جي ناپاڪ ارادن کان وطن کي محفُوظ رکڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن. ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد طارق شهيد ۽ ميجر طيب راحت …
وزيراعظم پاران اورڪزئي ۾ 30 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن جي واکاڻ

مزید خبریں
اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اورڪزئي ۾ 30 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز جا آفيسر ۽ جوان پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ئي ملڪ دشمن عنصرن جي ناپاڪ ارادن کان وطن کي محفُوظ رکڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن. ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد طارق شهيد ۽ ميجر طيب راحت شهيد ۽ ٻين شهيدن جي قربانين کي ضايع ٿيڻ نه ڏنو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ اورڪزئي ۾ دهشتگردي ۾ ملوث فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف جمال مايا ۾ ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم ڪارروائي ۾ ملوث ٽيهه دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن جي واکاڻ ڪندي چيو ته ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد طارق شهيد ۽ ميجر طيب راحت شهيد ۽ ٻين شهيدن جي قربانين کي ضايع نه ٿيڻ ڏنو ويندو. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جا آفيسر ۽ جوان پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ئي ملڪ دشمن عنصرن جي ناپاڪ ارادن کان مُلڪ کي محفوظ رکڻ لاءِ ڏينهن رات مصروف آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني هٿياربند فوج جو هر آفيسر ۽ جوان جيڪو مُلڪ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪري ٿو، اهو مون سميت پوري قوم جو فخر آهي. اسان دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيڻ ڏينداسين ۽ ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم چيو ته مُلڪ جي حفاظت جي اڻٿڪ عزم ۾ مون سميت پوري قوم پنهنجي بهادر فوج سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.











