اسلام آباد - 09 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ برلن ديوار ڪيرائڻ جي 35 سال مڪمل ٿيڻ تي جرمني جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 35 سال اڳ اڄ جي ئي ڏينهن جرمني جي عوام دنيا کي امن، اميد ۽ اڻٿڪ عزم جو پيغام ڏنو، پاڪستان جي حڪومت جرمني سان پنهنجي ويجهي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ۽ ٺوس …
عطاءُ الله تارڙ پاران برلن ديوار ڪيرائڻ جي 35 سال مڪمل ٿيڻ تي جرمني جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ برلن ديوار ڪيرائڻ جي 35 سال مڪمل ٿيڻ تي جرمني جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 35 سال اڳ اڄ جي ئي ڏينهن جرمني جي عوام دنيا کي امن، اميد ۽ اڻٿڪ عزم جو پيغام ڏنو، پاڪستان جي حڪومت جرمني سان پنهنجي ويجهي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ۽ ٺوس بڻائيندي. اها ڳالهه هن مقامي هوٽل ۾ جرمني جي سفارتخاني جي اهتمام هيٺ برلن ديوار ڪيرائڻ جي 35 سال مڪمل ٿيڻ جي مناسبت سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هو هن تاريخي موقعي تي جرمني جي عوام ۽ حڪومت کي مبارڪباد پيش ڪري ٿو، ان ڏينهن جرمني هڪ ٿيو. برلن ديوار ڪيرائڻ سان جرمني جي عوام ۾ هڪ نئين اميد پيدا ٿي، امن، ترقي ۽ خوشحالي جو هڪ نئون دور شروع ٿيو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته 35 سال اڳ اڄ جي ئي ڏينهن جرمني جي عوام دنيا کي امن، اميد ۽ اڻٿڪ عزم جو پيغام ڏنو هو، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جرمني جي اتحاد ۾ ڪردار ادا ڪندڙ سمورين شخصيتن کي احترام جي نگاهه سان ڏسن ٿا. هن چيو ته پاڪستاني عوام جرمني جي عوام جي خوشين ۾ شريڪ آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ٻطرفا لاڳاپا قائم آهن. ٻنهي ملڪن جا سفارتي لاڳاپا 1951ع ۾ قائم ٿيا جڏهن ته واپار، توانائي، ووڪيشنل ٽريننگ، تعليم، صحت ۽ ماحوليات سميت مختلف شعبن ۾ ويجهو تعاون موجود آهي. هن چيو ته پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ جرمني جي تعاون تي ٿورائتا آهيون، جرمني پاڪستان جو بااعتماد حصيدار آهي ۽ ان جي تعاون سان مڪمل ڪيل منصوبا ٻنهي ملڪن جي دوستاڻي رابطن جو روشن مثال آهن. وفاقي وزير ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان حڪومت جرمني سان پنهنجي ويجهي ۽ عوامي سطح تي رابطن ۽ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيندي. هن جرمني جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ پاڪستان جرمني لاڳاپن جي وڌيڪ مضبوطي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.











