اسلام آباد - 09 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل اسٽريٽجڪ دفاعي معاهدي جي توثيق ڪري ڇڏي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي ڪابينا کي سعودي عرب، قطر، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۽ ملائيشيا جي سرڪاري دورن جي حوالي سان تفصيلي آگاهي ڏني. وفاقي ڪابينا پاڪستان ۽ …
وفاقي ڪابينا پاران پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل اسٽريٽجڪ دفاعي معاهدي جي توثيق

مزید خبریں
اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل اسٽريٽجڪ دفاعي معاهدي جي توثيق ڪري ڇڏي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي ڪابينا کي سعودي عرب، قطر، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۽ ملائيشيا جي سرڪاري دورن جي حوالي سان تفصيلي آگاهي ڏني. وفاقي ڪابينا پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٿيندڙ گڏيل اسٽريٽجڪ دفاعي معاهدي جي توثيق ڪري ڇڏي. ان موقعي تي ڪابينا ميمبرن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفاقي ڪابينا قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي سفارش تي پلانٽ پروٽيڪشن کاتي جي 15 اڏامڻ نه لائق هوائي جهازن (8 سيسنا ۽ 7 فليچر) کي تعيلمي، يادگاري يا نمائش جي مقصدن جي لاءِ مختلف ادارن کي عطيو ڪرڻ جي منظوري ڏني، اداري جي استعمال هيٺ باقي 4 اڏامن لائق هوائي جهاز مڪڙن جي خلاف ڪاررواين جي لاءِ پلانٽ پروٽيڪشن کاتي جي استعمال ۾ رهندا. ياد رهي ته ان کان اڳ انهن هوائي جهازن جي نيلامي جا اڳوڻا قدم ڪامياب نه ٿي سگهيا هئا جنهن کانپوءِ انهن هوائي جهازن جي حوالي سان اهو قدم کنيو ويو آهي. وفاقي ڪابينا پاڻي وسيلن واري وزارت جي سفارش تي واپڊا جي انتظام هيٺ اهم ڊيمن ۽ هائيڊرو پاور منصوبن جي حفاظت جي لاءِ خصوصي سيڪيورٽي فورس قائم ڪرڻ جي لاءِ ”واپڊا سيڪيورٽي فورس ايڪٽ 2025ع“ جي قانونسازي جي اصولي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جي 2 آڪٽوبر 2025ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 22 سيپٽمبر 2025ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي جڏهن ته الٽرنيٽ ميڊيسنز اينڊ هيلٿ پراڊڪٽس اينلسسٽمنٽ رولز 2014ع (Alternate Medicines and Health Products Enlistment Rules – 2014) ۾ تجويز ڪيل ترميمن تي ڪابينا جي خصوصي ڪميٽي غور ڪندي.











