نوابشاهه - 09 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڳوٺ الله بخش مگسي ويو ۽ رئيس محبوب علي مگسي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر سوڳوار خاندان سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي. رئيس محبوب علي مگسي جي فرزند آفتاب مگسي ۽ ٻين گهرڀاتين معيز خان مگسي، علي جان مگسي …
صدر آصف علي زرداري جي رئيس محبوب علي مگسي جي لاڏاڻي تي تعزيت

مزید خبریں
نوابشاهه – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڳوٺ الله بخش مگسي ويو ۽ رئيس محبوب علي مگسي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر سوڳوار خاندان سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي. رئيس محبوب علي مگسي جي فرزند آفتاب مگسي ۽ ٻين گهرڀاتين معيز خان مگسي، علي جان مگسي ۽ اسد مگسي صدر جو استقبال ڪيو. سنڌ جو صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار، سنڌ جو جيلن وارو وزير حاجي علي حسن زرداري ۽ بلوچستان جو صوبائي وزير مير علي حسن بروهي پڻ صدر سان گڏ هئا.











