جيڪو به دهشتگردن کي پناهه ڏيندو ان خلاف ڪارروائي ٿيندي: وفاقي وزير خواجه محمد آصف

اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته ملڪ اندر يا ٻاهر دهشتگردن جون پناهگاهون هاڻي برداشت ناهن، افغانستان جلد هڪ وفد موڪلڻ جي تجويز آهي جيڪا حڪومت سان ڳالهيون ڪري ته هي سلسلو برداشت کان ٻاهر ٿي چڪو آهي، جيڪو به دهشتگردن کي پناهه ڏيندو ان خلاف ڪارروائي ٿيندي، اسان کي سياست ۽ حڪومت کان مٿانهون ٿي ڪري ان دهشتگردي خلاف …

اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته ملڪ اندر يا ٻاهر دهشتگردن جون پناهگاهون هاڻي برداشت ناهن، افغانستان جلد هڪ وفد موڪلڻ جي تجويز آهي جيڪا حڪومت سان ڳالهيون ڪري ته هي سلسلو برداشت کان ٻاهر ٿي چڪو آهي، جيڪو به دهشتگردن کي پناهه ڏيندو ان خلاف ڪارروائي ٿيندي، اسان کي سياست ۽ حڪومت کان مٿانهون ٿي ڪري ان دهشتگردي خلاف هٿياربند فوج سان گڏ بيهڻو پوندو، هاڻي برداشت جي حد ختم ٿي چڪي آهي، روزاني اسان جا آفيسر ۽ جوان شهيد ٿي رهيا آهن. قومي اسيمبلي ۾ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شريڪ هٿياربند فوج ۽ عسڪري ادارن سان يڪجهتي جي رٿ تي ڳالهائيندي هن چيو ته معمول جي ڪارروائي روڪي معاملو بحث هيٺ آڻڻ بهترين قدم آهي ته پاڪ فوج ۽ شهيدن جي وارثن سان يڪجهتي جو اظهار ۽ ان لعنت کي ڪيئن منهن ڏيون، سياست بعد ۾ ٿيندي رهندي. هن چيو ته 3 سال اڳ آئون افغانستان ويس، افغان عملدارن کي ٻڌايو ته هتان کان اسان جي ٻن صوبن ۾ دهشتگردي ٿي رهي آهي، هتي 6 يا 7 هزار دهشتگرد ويٺل آهن ۽ گذريل حڪومت انهن مان  3 هزار آڻي سوات ۾ آباد ڪيا، اسان کين چيو ته انهن کي ڪنٽرول ڪريو، انهن جون پناهگاهون ختم ڪريو، انهن جي سرپرستي ختم ڪريو. هنن مطالبو ڪيو ته 10 ارب روپيا ڏيو اسان کين ملڪ جي اولهندي علائقن ۾ ٻي هنڌ سرحد کان ٻاهر آباد ڪنداسين ۽ اوهان جي سرحد جي ويجهو انهن جون پناهگاهون ختم ٿي وينديون، جنهن تي اسان انهن کان گارنٽي گهري ته انهن جي ڪهڙي گارنٽي آهي ته هو ٻيهر اسان جي ملڪ نه ايندا ته هو ضمانت نه ڏئي رهيا هئا، ان لاءِ ڳالهه اڳتي نه وڌي سگهي. ان تي بار بار ڳالهه ٿيندي رهي، چار ملڪ روس، چين، ايران ۽ پاڪستان جيڪي دهشتگردي کان سڌي ريت متاثر آهن، انهن جا اجلاس به ٿيندا رهيا ۽ ڪا چڱي ڪامياب حاصل نه ٿي. هن چيو ته گذريل ڏينهن ٻن آفيسرن سميت 11 شهادتون ٿيون اڄ به اهڙي طرح وڌيڪ شهادتون ٿيون آهن. هنن پنهنجا ننڍا ننڍا ٻار سوڳوارن ۾ ڇڏيا آهن، انهن جي وارثن جا جذبا جوان آهن. هن چيو ته هڪ طرف اهڙي طرح جو جذبو هجي ۽ ٻي طرف اسان معمول جي زندگي گذاري رهيا هجون ته اها فخر جوڳي يا ڪريڊٽ وٺڻ واري ڪا ڳالهه ناهي. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته سمورين وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي ان مسئلي تي هڪ زبان ٿي پاڪ فوج سان گڏ بيهڻ گهرجي. هي هڪ مقدس فرض آهي جيڪو هو سرحدن جي حفاظت ڪري رهيا آهن، ٻيو آپريشن بنيان مرصوص کانپوءِ ملڪ اندر ۽  ملڪ کان ٻاهر اسان جي هٿياربند فوج پنهنجي صلاحيت مڃرائي آهي اها اسان تي قرض بڻجي ٿي. ان کي ادا ڪرڻ جو طريقو اهو آهي ته اسان سياسي اختلافن ۽ ويڇن کي هڪ طرف رکي ان معاملي تي گڏ بيهون. وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو ته هندستان کي جهڙي طرح شڪست ڏني هو اڄ به پنهنجا زخم چٽي رهيو آهي، هي ڪريڊٽ پاڪ فوج جو آهي جنهن جي ڪري دنيا پاڪستان جي واکاڻ ڪري ٿي. پاڪستان لاءِ هي اعزاز آهي، ٻاهرين دنيا جا ماڻهو مبارڪون ڏين ٿا. آمريڪا، اسلامي ملڪن سميت هر هنڌ پاڪستان جي عزت ۽ وقار ۾ اضافو ٿيو آهي ان جو سبب اهي قربانيون آهن ۽ هي هڪ سيڙپڪاري آهي جيڪا پنهنجي رت سان فورسز ڪري رهيون آهن. انهن قربانيون ڏيندڙن جي قربانين جو اعتراف ٿيڻ گهرجي. ان هڪ نقطي تي پاڪ فوج سان يڪجهتي ٿيڻ گهرجي باقي مسئلا حل ٿيندا رهندا. هن چيو ته پاڪستان جي عزت، وجود، فوج جي عزت ۽ وقار اولين آهي. هن چيو ته ڪابل هڪ وفد موڪلڻ جي تجويز آهي جيڪا افغانستان جي حڪومت سان ڳالهيون ڪري ته هي شيءَ هاڻي برداشت کان ٻاهر ٿي چڪي آهي. افغانستان جا لکين پناهگيرن ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هتي ويٺل آهن، ماڻهو هتي نسل در نسل ويٺل آهن، پر انهن جي پاڪستان سان ڪا وفاداري ناهي. هي ٽن نسلن کان هتي آهن پر انهن کي چئو ته هي پاڪستان زنده باد جا نعرو نٿا لڳائين. انهن ۾ تمام گهٽ ماڻهن کي گڏيل قومن جي افغان پناهگيرن واري اداري کان پئسا ملندا آهن، باقي هتي ڪاروبار ڪن ٿا، هي هتي ارب پتي بڻجي چڪا آهن پر جنهن ٿانءَ ۾ کائيندا آهن انهن کي خراب ڪندا آهن، جنهن مٽيءَ مان کين فائدو ملي رهيو آهي، انهي ملڪ سان دشمني ڪندا آهن، هي هاڻي برداشت جوڳو ناهي. هاڻي گهڻو ٿي ويو، هاڻي اسان جي فوج ۽ حڪومت جي صبر جو پئمانو ڀرجي چڪو آهي، هن چيو ته اسان پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهيون ۽ اسان انهن جا احسانمند آهيون جيڪو هن ملڪ جي حفاظت ۽ عالمي سطح تي اسان جي وقار ۾ اضافو ڪري هنن اسان تي احسان ڪيو آهي. پاڪ فوج اسان جي عزت ۽ وقار ۾ اضافو ڪيو آهي. هتي ماڻهو انهن جي مذمت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. انهن خلاف کلي ڳالهه نٿا ڪن اهو قبولڻ جوڳو ناهي. هن چيو ته هتي ڪو ٻيو رستو ناهي، يا انهن خلاف يا انهن سان گڏ بيهن، ڪو ٻيو رستو نه آهي. دهشتگردن لاءِ ڪا به برداشت ناهي. اهو ئي پيغام افغانستان لاءِ آهي. هن چيو ته فورسز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سينو تاڻي بيٺل آهن ۽ اسان هتي پنهنجو اقتدار بچائڻ جي چڪر ۾ آهيون.  هي انهن قربانين ۽ دنيا ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کانپوءِ جنگ ۾ اسان جي فورسز جي ڪري عزت ۽ مان بحال ٿيو آهي، دنيا اسان جي فوج جي صلاحيتن کي مڃي رهي آهي، اسان جي عزت ۽ احترام ڪري رهي آهي، ان باوجود اختيار رکندڙ ماڻهن کي کلي پاڪستان، پاڪستان جي فوج ۽ شهيدن سان گڏ بيهڻ گهرجي، ان تي سياست نه ٿيڻ گهرجي.

مزید خبریں