اسلام آباد - 09 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته جيل ۾ ويٺل شخص جي دور ۾ دهشتگردن کي واپس آڻي ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهچايو ويو، تحريڪ انصاف جو انتشار پسند ٽولو دهشتگردن جو سهولتڪار آهي، معصوم شهرين تي حملو ڪندڙ ۽ مسجدن، اسڪولن کي نشانو بڻائيندڙ ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن، ملڪ ۾ عدم استحڪام …
جيل ۾ ويٺل شخص جي دور ۾ دهشتگردن کي واپس آڻي ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهچايو ويو: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته جيل ۾ ويٺل شخص جي دور ۾ دهشتگردن کي واپس آڻي ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهچايو ويو، تحريڪ انصاف جو انتشار پسند ٽولو دهشتگردن جو سهولتڪار آهي، معصوم شهرين تي حملو ڪندڙ ۽ مسجدن، اسڪولن کي نشانو بڻائيندڙ ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن، ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪندڙ عنصرن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، علي امين گنڊاپور کي دهشتگردن جي مڪمل سهولتڪاري نه ڪرڻ تي هٽايو ويو. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ خيبرپختونخواهه معاملن واري ڪوآرڊينيٽر اختيار ولي خان سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير شهيدن جي جنازن ۾ شريڪ ٿيا، اورڪزئي ۾ شهيد ٿيندڙ ڪرنل جنيد، ميجر طيب، ڊيره اسماعيل خان ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر سبطين ۽ ان جي جوانن جي قربانين کي سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو. انهن ملڪ تي جان قربان ڪري ڇڏي ۽ انهن جي خاندان فخر جو اظهار ڪري رهيا آهن ۽ اهو جذبو ظاهر ڪري رهيا آهن ته اسان جي ٻارن ملڪ تي جان نڇاور ڪئي آهي، اسا کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته شهادت انهن جي نصيب ۾ آئي. وفاقي وزير چيو ته جيستائين اهڙا بهادر جوان هن ڌرتيءَ تي جان نڇاور ڪندڙ موجود آهن ملڪ کي انشاءَ الله نقصان نه ٿو پهچي سگهي، هي اهي هستيون آهن جن جا ٻار يتيم ٿي وڃن ٿا ۽ اهي بهادر آفيسر ۽ جوان ملڪ جي خاطر شهادت ماڻين ٿا ته جيئن اسان پنهنجي گهرن ۾ سُک جي ننڊ سُمهي سگهون ۽ اسان جا خاندان محفوظ رهي سگهن. جڏهن ڪنهن بيواهه سان يا ڪنهن شهيد جي والد يا والده سان ڳالهه ٿئي ٿي ته انهن جي اطمينان جو اظهار ڏسڻ جي قابل هوندو آهي ۽ اهي شهادت تي الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪن ٿا. هن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ميجر عدنان پنهنجي ساٿي کي بچائيندي عظيم قرباني ڏني. هي اهي ڪهاڻيون آهن جيڪي قيامت تائين زندهه رهنديون. وفاقي وزير چيو ته هن ملڪ ۾ هڪ انتشاري ٽولو موجود آهي جيڪو ملڪ جي امن امان کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿو، جن جو ماضي به اهو ئي آهي ته جڏهن انهن جي حڪومت هئي ته انهن نيشنل ايڪشن پلان کي ختم ڪري ڇڏيو هو. وفاقي وزير چيو ته آپريشن ضرب عضب ۽ آپريشن ردالفساد ۾ اسان کي ڪاميابيون مليون، دهشتگردن کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو ۽ الله تعاليٰ هن ملڪ جي اندر امن قائم ڪيو. هن چيو ته جيل ۾ ويٺل هڪ شخص ۽ ان جي پارٽي پنهنجي حڪومت جي دور ۾ انهن ئي دهشتگردن کي واپس آڻي رهايو ۽ اڄ تائين انهن جي سهولتڪاري جاري آهي، تحريڪ انصاف جو پورو انتشار پسند ٽولو دهشتگردن جو سهولتڪار به آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو باني چيئرمين پنهنجي پراڻي انٽرويوز ۾ چئي چڪو آهي ته هي وڏا سٺا ماڻهو آهن، انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي انهن کي واپس آڻي رهائڻ گهرجي ۽ ٻئي طرف اهي عنصر بازارن، مسجدن ۽ واپاري مرڪزن ۾ ڌماڪا ڪن ٿا، اسڪولن تائين کي نه ٿا بخشين ۽ بيگناهه انسانن جون حياتيون وٺن ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته رياست پاڪستان 27 رمضان جي رات وجود ۾ آئي، اها ڪلمي جي نالي تي قائم ٿيندڙ رياست آهي، اها انشاءَ الله قيامت تائين قائم رهندي. آڱرين تي ڳڻڻ جيترن دهشتگردن کي سهولتڪاري جيل ۾ ويٺل ان شخص کان ملي ٿي جيڪو دهشتگردن جو چيف اسپانسر آهي هن اڳ ۾ به پنهنجي حڪومت جي دوران دهشتگردن کي واپس آڻي سيٽل ايرياز جي اندر رهايو، انهن جي حفاظت سان واپسي ۽ انهن کي رهڻ جي جڳهه ڏني ۽ اڄ به خيبرپختونخواهه جي سياست انهي شيءَ جي چوڌاري گهمي رهي آهي. هن چيو ته سهيل آفريدي کي خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير نامزد ڪيو ويو آهي، باني چيئرمين کي علي امين گنڊاپور سان رنجش اها هئي ته هو دهشتگردن جي سهولتڪاري نه ڪري رهيو هو، ان کي چيو ويو هو ته دهشتگردن جي سهولتڪاري ڪر ۽ انهن جي خلاف ڪارروايون بند ڪر، شايد علي امين گنڊاپور ان حد تائين اهو مشن پورو نه ڪري سگهيو هاڻي باني چيئرمين هڪ اهڙي شخص کي سامهون آندو آهي جيڪو هڪ اشتهاري ۽ ڀڳوڙي مراد سعيد جو ويجهو ساٿي آهي ۽ دهشتگردن جي حوالي سان پڻ نرم دل رکي ٿو. سهيل آفريدي کي ان جي لاءِ آندو ويو آهي ته سهولتڪارن کي مڪمل طور تي سپورٽ ڪيو وڃي ۽ انهن کي فري هينڊ ڏنو وڃي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي پاليسي الحمد الله اسلام آباد ۾ ٺهي ٿي ۽ ٺهندي رهندي، تحريڪ انصاف چاهي ٿي ته سيڪيورٽي پاليسي ڪابل ۾ ٺهي، ان جي قطعي طور تي اجازت نه آهي. هن چيو ته انهن ملڪ جو تمام گهڻو نقصان ڪيو آهي، انهن دهشتگردن کي هتي آڻي رهايو ۽ اڄ به انهن جي سهولتڪاري جاري رکيل آهي، گذريل 12 سالن کان خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي ۽ اتي دهشتگردي عروج تي رهي. هن چيو ته پاڪ فوج جا جوان آفيسر دهشتگردن ۽ عوام جي وچ ۾ شيهي جي ديوار بڻيل آهن، پاڪ فوج جي قربانين جي نتيجي ۾ دهشتگردي جو خاتمو ڪيو پيو وڃي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته جيل ۾ ويٺل پي ٽي آءِ جو باني چيئرمين دهشتگردن جو چيف اسپانسر آهي، انتشاري ٽولو هن ملڪ کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو. دهشتگرد ڪڏهن به غلبو حاصل نه ڪري سگهندا. هن چيو ته اهي انتشار پسند ماڻهو سهيل آفريدي جي ذريعي سهولتڪاري، گهرن ۾ انهن کي پناهه ڏيڻ ۽ سهولت فراهم ڪرڻ چاهين ٿا، سهيل آفريدي تي ڪيس ايترا آهن جو هو هڪ ڪرمنل مائنڊيڊ ماڻهو آهي. هن چيو ته پاڪ فوج جي قربانين کي سنهري لفظن سان لکيو ويندو. اسان پنهنجي شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا، اهي اڄ به دهشتگردن کي پنهنجي ڪڌي مقصدن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏئي رهيا آهن ۽ پنهنجي رت سان اها تاريخ لکي رهيا آهن، اها قربانين جي لازوال داستان آهي. اطلاعات واري وفقي وزير چيو ته اڄ لنڊن جي هڪ عدالت پنهنجي فيصلي ۾ انتشار پسندن جي منهن تي هڪ زوردار چماٽ هنئي آهي، اها پاڪستان جي بيانيي ۽ رياست جي فتح آهي ۽ ان سان پاڪستان جي عزت ۽ وقار ۾ اضافو ٿيو. هن چيو ته تحريڪ انصاف جا حواري ۽ شرپسند عنصر جتي به موجود آهن ذلت ۽ شرمندگي انهن جو مقدر بڻجي رهي آهي. تحريڪ انصاف جي ايجنڊا عالمي سطح تي عدالتن جي اندر پڻ ظاهر ٿي رهي آهي ۽ انهن کي شديد رسوائي کي منهن ڏيڻو پيو جيڪي ماڻهو پاڪستان جي ادارن، فوج ۽ رياستي ادارن تي گند اڇلائيندا، ڪوڙا بيان ڏيندا ۽ الزام بازي ڪندا هئا اهو سمورو بيانيو دفن ٿي ويو. هن چيو ته هاڻي ڪو به جواز ناهي بچيو ته ٻاهرئين ملڪ ويهي ڪير پاڪستان جي رياست تي حملو ڪري ۽ ان جي خلاف ڳالهه ڪري. اها انتشاري ٽولي جي شڪست آهي ۽ انشاءَ الله انهن کي هر ميدان ۾ شڪست ٿيندي. هن چيو ته اهي بيانيي جي جنگ هارائي رهيا آهن. هن چيو ته دهشتگردن جي سهولتڪاري ۾ به انهن کي ناڪامي ٿيندي انهن کي شرمندگي کي منهن ڏيڻو پوندو، هاڻي ڪهڙي منهن سان دنيا جي مختلف ڪنڊڪڙڇ ۾ ويٺل انتشار پسند رياست پاڪستان جي خلاف يا فوج جي خلاف ڳالهه ڪندا؟ انهن کي پنهنجي ڪيتي جي سزا ڀوڳڻي پوندي. هن چيو ته جيڪي پاڪستان جي خلاف جنگ وڙهي رهيا آهن ۽ پاڪستان کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا انهن کي منهن ڀر ڪرڻو پوندو.











