وفاقي گهرو وزير پاران وزيراعظم جي پروٽوڪول آفيسر مراد خان سان سندس والد جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

لاهور-09 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي وزيراعظم جي پروٽوڪول آفيسر مراد خان جي رهائشگاهه تي ويو ۽ سندس والد لاهور جي ڊپٽي ميئر نذير خان سواتي جي لاڏاڻي تي سوڳوار خاندان سان دلي همدردي ۽  تعزيت جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير مرحوم جي روح جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني به ڪئي. ان موقعي تي گهرو وزير محسن نقوي نذير خان سواتي جي عوامي خدمتن …

لاهور-09 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي وزيراعظم جي پروٽوڪول آفيسر مراد خان جي رهائشگاهه تي ويو ۽ سندس والد لاهور جي ڊپٽي ميئر نذير خان سواتي جي لاڏاڻي تي سوڳوار خاندان سان دلي همدردي ۽  تعزيت جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير مرحوم جي روح جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني به ڪئي. ان موقعي تي گهرو وزير محسن نقوي نذير خان سواتي جي عوامي خدمتن کي خراج عقيدرت پيش ڪندي چيو ته الله تعاليٰ مرحوم جي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ سوڳوار خاندان کي صبر عطا فرمائي.

مزید خبریں