اسلام آباد - 09 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان آمريڪي ناظم الامور نٽالي بيڪر ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم تازي اعليٰ سطحي مٽاسٽا بشمول نيويارڪ ۽ واشنگٽن ۾ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن وچ اوڀر ۽ وسيع تر خطي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان آمريڪي ناظم الامور نٽالي بيڪر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان آمريڪي ناظم الامور نٽالي بيڪر ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم تازي اعليٰ سطحي مٽاسٽا بشمول نيويارڪ ۽ واشنگٽن ۾ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن وچ اوڀر ۽ وسيع تر خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي مسلسل شموليت جو ذڪر ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان پاران مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو. آمريڪي ناظم الامور آمريڪي ڪمپنين جي پاڪستان جي توانائي، اهم معدنيات ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ ڀرپور دلچسپي کان آگاهه ڪيو.











