ڪراچي-09 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته ملڪي معيشت کي درست رخ ۾ گامزن ڪيو ويو آهي، سراسري مهانگائي جي شرح ۽ وياج جي شرح گهڻي گهٽجي وئي آهي، ٽيڪس جي نظام کي بهتر بڻايو پيو وڃي. اهڙو اظهار هن مينيجمينٽ ايسوسيئيشن آف پاڪستان (ايم اي پي) جي سالياني ڪانفرنس جي سيشن دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته مسئلن ۽ مشڪلاتن …
ملڪي معيشت کي درست رخ ۾ گامزن ڪيو ويو آهي: خرم شهزاد

مزید خبریں
ڪراچي-09 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته ملڪي معيشت کي درست رخ ۾ گامزن ڪيو ويو آهي، سراسري مهانگائي جي شرح ۽ وياج جي شرح گهڻي گهٽجي وئي آهي، ٽيڪس جي نظام کي بهتر بڻايو پيو وڃي. اهڙو اظهار هن مينيجمينٽ ايسوسيئيشن آف پاڪستان (ايم اي پي) جي سالياني ڪانفرنس جي سيشن دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته مسئلن ۽ مشڪلاتن مان نڪري هاڻي پائيدار استحڪام ۽ اوسر جي راهه تي گامزن ٿي چڪا آهيون، مهانگائي ۾ نمايان گهٽتائي اچي چڪي آهي ۽ هي سڀ حڪومتي قدمن جو نتيجو آهي جنهن سان عوام کي رليف مليو آهي. ناڻي واري صلاحڪار چيو ته وياج جي بلند شرح سبب صنعتن ۽ ڪاروبار کي مشڪلاتون درپيش هيون، وياج جي شرح هن وقت 11 سيڪڙو آهي ۽ ان سان صنعتن کي سيڙپڪاري ڪرڻ ۽ نوان قرض وٺڻ ۾ آسانيون ٿيون آهن، ان سان روزگار جا موقعا ٿيندا. هن چيو ته ملڪي معاشي حالتون بهتري طرف وڃي رهيون آهن، معاشي استحڪام کانپوءِ هاڻي ٽيڪس ۽ ڍانچاجاتي سڌارن تي عمل ٿي رهيو آهي. هن چيو ته وقت سان گڏوگڏ حڪومت پگهاردار طبقي کي وڌيڪ رليف فراهم ڪندي، زرعي انڪم ٽيڪس جي حوالي سان چئني صوبن معيشت کي سياست تي ترجيح ڏني آهي اها هڪ وڏي ڪاميابي آهي، پاڪستان اقتصادي استحڪام حاصل ڪري ورتو آهي ۽ سمورا معاشي اهڃاڻ مثبت ۽ درست رخ ۾ گامزن آهن جنهن جي تصديق عالمي ادارا به ڪري رهيا آهن.











