پشاور-09 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڊي آءِ خان جي علائقي درابن ۾ دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 7 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب گورنر فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ميجر سبطين حيدر جي شهادت تي خراج عقيدت پيش ڪندي شهيد ميجر جي وارثن سان تعزيت ۽ …
خيبرپختونخوا جي گورنر پاران سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
پشاور-09 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڊي آءِ خان جي علائقي درابن ۾ دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 7 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان موجب گورنر فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ميجر سبطين حيدر جي شهادت تي خراج عقيدت پيش ڪندي شهيد ميجر جي وارثن سان تعزيت ۽ دلي همدردي جو اظهار ڪيو آهي. هن شهيد ميجر جي درجن جي بلندي ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي آهي. گورنر چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هٿياربند فوج جي قربانين جا لازوال داستان آهن، خيبرپختونخوا جي عوام دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ متحد بيٺل آهي، ملڪ ۽ قوم لاءِ قيمتي جانيون قربان ڪندڙ شهيد اسان جو فخر آهن.











