اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ ۾ سپر ٽيڪس بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي جمعي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. سپر ٽيڪس ڪيس جي ٻڌڻي خميس ڏينهن جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 5 رڪني آئيني بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران مختلف قانوني نڪتن تي بينچ جي ميمبرن ۽ وڪيل فروغ نسيم وچ ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، وڪيل فروغ نسيم موقف اختيار ڪيو ته جيڪا ڊائريڪشن سپريم …
سپريم ڪورٽ ۾ سپر ٽيڪس بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي جمعي ڏينهن 10 آڪٽوبر تائين ملتوي

مزید خبریں
اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ ۾ سپر ٽيڪس بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي جمعي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. سپر ٽيڪس ڪيس جي ٻڌڻي خميس ڏينهن جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 5 رڪني آئيني بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران مختلف قانوني نڪتن تي بينچ جي ميمبرن ۽ وڪيل فروغ نسيم وچ ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، وڪيل فروغ نسيم موقف اختيار ڪيو ته جيڪا ڊائريڪشن سپريم ڪورٽ ڏيندي آهي، پارليامينٽ ان جي پابند هوندي آهي. جسٽس جمال خان مندوخيل رمارڪس ڏنا ته اسان پارليامينٽ کان مشورو وٺي سگهون ٿا، ٿي سگهي ٿو ته ڪو سٺو مشورو ملي وڃي. هن چيو ته ڇا ڪافي آهي ڇا ڪافي ناهي، اهو فيصلو ته پارليامينٽ کي ئي ڪرڻو آهي.جسٽس جمال خان مندوخيل وڌيڪ چيو ته حڪومت هڪ انسينٽو ڏنو، هڪ قانون اچي ٿو ته سپريم ڪورٽ ان کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، ماضي ۾ هڪ قانون موجود هو، هاڻي ترميم ٿي وئي ته ان جو تعلق ماضي سان ٿيندو. ان موقعي تي فروغ نسيم موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن حڪومت ڪا رعايت ڏني هئي ۽ اها کين نه ملي ته ان جو تعلق ماضي جي قانون سان ئي هوندو. جسٽس جمال خان مندوخيل رمارڪس ڏنا ته اوهان چئي رهيا آهيو ته حڪومت انسينٽو ڏئي رهي آهي، حڪومت ڪجهه نه ڏئي رهي آهي، هتي ڳالهه منافعي ۽ آمدني جي ٿي رهي آهي، منهنجي پراپرٽي آهي، مون اوهان کي وڪڻي ڏني، هاڻي فائدو ٿئي يا نقصان، اهو اوهان جو معاملو آهي. فروغ نسيم چيو ته رعايت جي حد تائين عدالتن کي حڪومت کي ترميم ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. هن پڇاڻو ڪيو ته سڀاڻي 26 آئيني ترميم ٻڌندا يا سپر ٽيڪس ڪيس؟ جنهن تي جسٽس امين الدين خان چيو ته سڀاڻي سپر ٽيڪس ڪيس ئي ٻڌنداسين. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اڄ جمعي جي صبح ساڍي 9 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.











