اوگرا چيئرمين کان توهين عدالت جي درخواست تي جواب طلب

لاهور-09 آڪٽوبر (اي پي پي)لاهور هاءِ ڪورٽ عدالتي حڪم باوجود آئل ايڊوائيزري ڪائونسل جي قانوني حيثيت واضح نه ڪرڻ تي اوگرا چيئرمين کي توهين عدالت جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي. نوٽيس جسٽس شمس محمود مرزا آئل مارڪيٽنگ ايسوسيئيشن جي درخواست تي جاري ڪيو. درخواست ۾ موقف هو ته عدالت اوگرا چيئرمين کي هدايت ڪئي هئي ته هو آئل ايڊوائيزري ڪائونسل جي قانوني حيثيت واضح …

لاهور-09 آڪٽوبر (اي پي پي)لاهور هاءِ ڪورٽ عدالتي حڪم باوجود آئل ايڊوائيزري ڪائونسل جي قانوني حيثيت واضح نه ڪرڻ تي اوگرا چيئرمين کي توهين عدالت جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي. نوٽيس جسٽس شمس محمود مرزا آئل مارڪيٽنگ ايسوسيئيشن جي درخواست تي جاري ڪيو. درخواست ۾ موقف هو ته عدالت اوگرا چيئرمين کي هدايت ڪئي هئي ته هو آئل ايڊوائيزري ڪائونسل جي قانوني حيثيت واضح ڪري، پر عدالتي حڪم باوجود ائين نه ڪيو ويو. درخواست ۾ گذارش ڪئي وئي ته عدالت اوگرا چيئرمين خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي عمل ۾ آڻي.

مزید خبریں