ڊيره مراد جمالي جي پٽ فيڊر ريلوي پل تي ڌماڪو، ريلوي ملازم فوت، ٽريڪ کي جزوي نقصان پهتو

ڊيره مراد جمالي-09 آڪٽوبر (اي پي پي) ڊيره مراد جمالي جي پٽ فيڊر ريلوي پل تي ڌماڪي ۾ ريلوي جو ملازم فوت ٿي ويو. پوليس موجب نصير آباد جي ضلعي هيڊڪوارٽر ڊيره مراد جمالي جي پٽ فيڊر پل تي ريلوي جو ملازم امداد حسين کوکر ريلوي ٽريڪ تي هيو ته اوچتو  پل تي ڌماڪو ٿيو جنهن سان ريلوي ٽريڪ کي جزوي نقصان پهتو ۽ پٽ فيڊر ڪينال پل کان ٿورو …

ڊيره مراد جمالي-09 آڪٽوبر (اي پي پي) ڊيره مراد جمالي جي پٽ فيڊر ريلوي پل تي ڌماڪي ۾ ريلوي جو ملازم فوت ٿي ويو. پوليس موجب نصير آباد جي ضلعي هيڊڪوارٽر ڊيره مراد جمالي جي پٽ فيڊر پل تي ريلوي جو ملازم امداد حسين کوکر ريلوي ٽريڪ تي هيو ته اوچتو  پل تي ڌماڪو ٿيو جنهن سان ريلوي ٽريڪ کي جزوي نقصان پهتو ۽ پٽ فيڊر ڪينال پل کان ٿورو پري گوشت جا ٽڪرا وکريل مليا جنهن جي سڃاڻپ ريلوي ملازم امداد کوکر جي نالي سان ٿي. ايس ايس پي نصيرآباد ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ پٽڙي کي جزوي نقصان پهتو، جڏهن ته ريلوي جو هڪ ملازم ان ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويو ۽ پشاور کان ڪوئيٽا ويندڙ جعفر ايڪسپريس کي جيڪب آباد ريلوي اسٽيشن تي روڪيو ويو آهي. ڌماڪي جا وڌيڪ ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن ۽ بي ڊي ٽيم کي ڌماڪي جي نوعيت ڄاڻڻ لاءِ طلب ڪيو ويو آهي ۽ علائقي جي ناڪابندي ڪري تخريبڪارن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.اي

مزید خبریں