سيد يوسف رضا گيلاني پاران شهادت ماڻيندڙ پاڪ فوج جي بهادر آفيسر ميجر سبطين حيدر کي خراج عقيدت پيش

اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڊيره اسماعيل خان جي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي تازي آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ پاڪ فوج جي بهادر آفيسر ميجر سبطين حيدر کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب هن چيو ته ميجر سبطين حيدر دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملائيندي بهادري، جرئت ۽ پيشيوراڻي مهارت جو هڪ روشن مثال قائم …

اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڊيره اسماعيل خان جي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي تازي آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ پاڪ فوج جي بهادر آفيسر ميجر سبطين حيدر کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب هن چيو ته ميجر سبطين حيدر دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملائيندي بهادري، جرئت ۽ پيشيوراڻي مهارت جو هڪ روشن مثال قائم ڪيو آهي. سندس قيادت ۾ فورسز ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جو دليري سان مقابلو ڪيو ۽ ملڪ دشمن عنصرن کي جهنم ڀيڙو ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته ملڪ جي تحفظ خاطر جانين جو نذرانو پيش ڪرڻ پوري قوم لاءِ فخر جوڳو آهي. هن چيو ته قوم انهن شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. سيد يوسف رضا گيلاني سيڪيورٽي فورسز جي سمورن آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته سندن بهادري ۽ فرض شناسي پاڪستان جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي ڇڏيو آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جي درجا بلند ڪري، پوئينرن کي صبر ڏي ۽ ملڪ کي هر قسم جي دهشتگردي کان محفوظ رکي.

مزید خبریں