اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڊيره اسماعيل خان ۾ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي شهيد ميجر سبطين حيدر کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ڪارروائي ۾ 7 ڀارتي حمايت يافته دهشتگرد مارجي ويا، شهيد ميجر سبطين حيدر کي سندس بهادري تي …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران ڊيره اسماعيل خان ۾ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڊيره اسماعيل خان ۾ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي شهيد ميجر سبطين حيدر کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ڪارروائي ۾ 7 ڀارتي حمايت يافته دهشتگرد مارجي ويا، شهيد ميجر سبطين حيدر کي سندس بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو، ميجر سبطين حيدر ۽ ان جهڙن بهادر سپوتن جون قربانيون وطن عزيز جي تحفظ جي ضمانت آهن، دهشتگرد عنصر ڪڏهن به پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب نٿا ٿي سگهن. سيڪيورٽي فورسز ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ پزعزم آهن. اسپيڪر سردار اياز صادق شهيد ميجر سبطين حيدر جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ استقامت تي سڄي قوم کي فخر آهي. هن دعا ڪئي ته الله شهيد جا درجا بلند ڪري ۽ وارثن کي صبر ڏي.











