اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان آڪٽوبر 2025ع ۾ پيرس الائيڊ فنانس فيلوشپ جي شروعات سان ڪلائميٽ اسمارٽ بئنڪنگ ۽ سيڙپڪاري طرف فيصلائتو قدم کڻي رهيو آهي. ان فيلوشپ ۾ جرمن اقتصادي تعاون ۽ ترقي بابت وفاقي وزارت جي مالي مدد شامل آهي جڏهن ته ان کي جرمن ترقياتي ايجنسي پاڪستان اسٽيٽ بئنڪ جي تعاون سان لاڳو ڪيو آهي. هي فيلوشپ پاڪستان جي مالي شعبي کي عالمي ماحولياتي معيارن …
پاڪستان ۾ مالي شعبي کي موسمياتي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪرڻ جي حوالي سان پيرس الائيڊ فنانس فيلوشپ جي شروعات

مزید خبریں
اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان آڪٽوبر 2025ع ۾ پيرس الائيڊ فنانس فيلوشپ جي شروعات سان ڪلائميٽ اسمارٽ بئنڪنگ ۽ سيڙپڪاري طرف فيصلائتو قدم کڻي رهيو آهي. ان فيلوشپ ۾ جرمن اقتصادي تعاون ۽ ترقي بابت وفاقي وزارت جي مالي مدد شامل آهي جڏهن ته ان کي جرمن ترقياتي ايجنسي پاڪستان اسٽيٽ بئنڪ جي تعاون سان لاڳو ڪيو آهي. هي فيلوشپ پاڪستان جي مالي شعبي کي عالمي ماحولياتي معيارن سان هم آهنگ ڪرڻ ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري بيان موجب فيلوشپ مرڪزي بئنڪ، ڪمرشل بئنڪن، ترقياتي مالي ادارن ۽ ٻين ريگوليٽري ادارن جي سينئر عملدارن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪندي. هڪ فيلوشپ جو مقصد پائيدار ماليات جي حوالي سان شرڪت ڪندڙن جي صلاحيتن ۾ اضافو ڪري پاڪستان جي مالي نظام کي تجديد جوڳي توانائي، مضبوط انفرا اسٽرڪچر ۽ ماحول دوست روانگي واپار جي رمزن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري کي حاصل ڪرڻ مدد فراهم ڪرڻ آهي، جنهن سان نه رڳو معاشي استحڪام ايندو پر چٽاڀيٽي ۾ به اضافو ٿيندو. واپار ۽ سيڙپڪاري جا عالمي قاعدا تيزي سان تبديل ٿي رهيا آهن، مارڪيٽ ۽ خريدارن جي اهڙن منصوبن ۾ دلچسپي وڌي رهي آهي جيڪا گهٽ کان گهٽ ڪاربن فٽ پرنٽس ۽ پائيداري جي سخت معيارن موجب هجن. هي فيلوشپ پاڪستان جي مالي ادارن کي انهن تبديلين سان هم آهنگ ٿيڻ ۾ مدد فراهم ڪندي ته جيئن اهي قرض ڏيڻ، سيڙپڪاري ڪرڻ ۽ خطري جي انتظام ۾ موسمياتي ۽ پائيداري جي رخن کي نظر ۾ رکن. ان سان بئنڪنک ي ڪاروباري ادارن جي مدد ۾ مدد ملندي ته جيئن اهي نئين گهرجن تي پورو لهي سگهن ۽ گلوبل گرين ٽرانزيشن جي موقعن مان فائدو کڻي سگهن. ايس بي پي – بي ايس سي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر معراج محمود ان حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ چيو ته موسمياتي تبديلي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ مالي شعبي جي صلاحيت کي مضبوط بڻائڻ پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مرڪزي اهميت رکي ٿو. اسٽيٽ بئنڪ ان اهم قدم جي مدد تي خوشي محسوس ڪري رهيو آهي. جي آءِ زيڊ پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر، ماريا جوز پوڊي چيو ته هي فيلوشپ پاڪستان جي بئنڪن کي ڪلائميٽ اسمارٽ سيڙپڪاري لاءِ نون موقعن جي ڳولا سان گڏوگڏ خطرن جو انتظام موثر طريقي سان ڪرڻ جي قابل بڻائيندي. هي پاڪستان جي مالي شعبي کي عالمي ماليات جي مستقبل لاءِ تيار ڪرڻ جي حوالي سان انتهائي اهم آهي. پروگرام 13 کان 17 آڪٽوبر 2025ع تائين جاري رهندو، ڪراچي ۾ فائونڊيشن ٽريڪ سان گڏ ۽ جرمني ۾ ايڪسپرٽ ٽريڪ سان شروعات ڪئي ويندي. اٽڪل 50 فيلوز جي چونڊ ڪئي وئي آهي جيڪي سينئر بئنڪرز ۽ فنانس جا پروفيشنلز آهن جن کي سندن ادارن طرفان نامزد ڪيو ويو آهي. ٽريننگ ۾ موسمياتي ۽ مالي خطرن جو انتظام، موسمياتي تبديلي جي جاچ، ٽرانزيشن فنانس، ماحولياتي ۽ پائيداري جي رپورٽنگ ۽شامل آهن پاڪستان جي مالي شعبي ۾ هڪ باعمل ڪميونٽي جوڙڻ ته جيئن موسمياتي مالڪاري کي هٿي ڏئي سگهجي. اميد آهي ته پيرس الائيڊ فنانس فلوشپ پاڪستان جي بئنڪاري ۽ سيڙپڪاري نظام ۾ پائيدار طريقن کي شامل ڪري ڊگهو اثر پيدا ڪندي، ان جو بنيادي مقصد موسمياتي تبديلي بابت مالڪاري جي وهڪري کي فعال ڪري اهڙن منصوبن ۽ ڪاروبارن جي حمايت ڪرڻ آهي جيڪي لچڪ پيدا ڪن، چٽاڀيٽي کي وڌائين ۽ پائيدار ترقي ۾ حصو وجهن.











