گڏيل قومون -09 آڪٽوبر(اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش غزه ۾ جنگ بندي ۽ يرغمالين جي آزادي بابت معاهدي جي آجيان ڪندي سمورين ڌرين کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي ان معاهدي جي مڪمل پاسداري ڪن. پرڏيهي ميڊيا موجب هن زور ڀريو ته سمورن يرغمالين کي باعزت طريقي سان آزاد ڪندي مستقل جنگ بندي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ فوري طور تي غزه ۾ انساني امداد ۽ ضروري …
گڏيل قومن پاران غزه ۾ جنگ بندي ۽ يرغمالين جي آزادي جي معاهدي جي آجيان
گڏيل قومون -09 آڪٽوبر(اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش غزه ۾ جنگ بندي ۽ يرغمالين جي آزادي بابت معاهدي جي آجيان ڪندي سمورين ڌرين کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي ان معاهدي جي مڪمل پاسداري ڪن. پرڏيهي ميڊيا موجب هن زور ڀريو ته سمورن يرغمالين کي باعزت طريقي سان آزاد ڪندي مستقل جنگ بندي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ فوري طور تي غزه ۾ انساني امداد ۽ ضروري واپاري سامان جي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي رسائي فراهم ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته جنگ ختم ٿيڻ گهرجي. گڏيل قومن پاران ان مرحليوار معاهدي تي عمل درآمد سان گڏو گڏ غزه جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي قدمن ۾ به ڀرپور سهڪارڪيو ويندو. هن سمورين ڌرين تي زور ڀريو ته ان تاريخي موقعي مان فائدو حاصل ڪن ۽ فلسطيني عوام جي خوداراديت واري حق کي تسليم ڪندي ٻه رياستي حل طرف اڳڀرائي ڪن ته جيئن اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي قائم ٿي سگهي.








