يورپي يونين پاران سال 2030ع تائين هٿيارن تي 2500 ارب يورو خرچ ڪرڻ جو امڪان ظاهر

برسلز-09 آڪٽوبر (اي پي پي ) يورپي يونين جي دفاع ۽ خلائي معاملن بابت ڪمشنر اعلان ڪيو آهي ته يورپي يونين 2030ع تائين هٿيارن جي تياري تي 2500 ارب يورو خرچ ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. جنهن ۾ ڊرون جهازن ۽ انهن خلاف حفاظتي قدم به شامل هوندا. پرڏيهي ميڊيا موجب ان ڳالهه جو اظهار هن فرانس جي شهر اسٽراس برگ ۾ يورپي پارليمان جي هڪ اجلاس دوران ڪيو. …

برسلز-09 آڪٽوبر (اي پي پي ) يورپي يونين جي دفاع ۽ خلائي معاملن بابت ڪمشنر اعلان ڪيو آهي ته يورپي يونين 2030ع تائين هٿيارن جي تياري تي 2500 ارب يورو خرچ ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. جنهن ۾ ڊرون جهازن ۽ انهن خلاف حفاظتي قدم به شامل هوندا. پرڏيهي ميڊيا موجب ان ڳالهه جو اظهار هن فرانس جي شهر اسٽراس برگ ۾ يورپي پارليمان جي هڪ اجلاس دوران ڪيو. اجلاس ۾ يورپي ملڪن مٿان اڻڄاتل ڊرون جي اڏامن جي واقعن تي بحث ٿيو. هن چيو ته 2030ع تائين اسان وٽ مختلف دفاعي ضرورتن لاءِ 2500 ارب خرچ  ڪرڻ جي صلاحيت هوندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ان رقم ۾ روس جي مرڪزي بينڪ جي اثاثن جو ڪجهه حصو به شامل ٿي سگهي ٿو،  جڏهن ته يورپي يونين جا ميمبر ملڪ پهرين آڪٽوبر تي ڪوپن هيگن ۾ ٿيل سربراهي ملاقات ۾ يورپي ڪميشن پاران اثاثا ضبط ڪرڻ جي تجويز تي راضي نه  ٿي سگهيا.