غزه جي نئين سر تعمير ۾ آمريڪا ۽ ٻيا ملڪ شريڪ ٿيندا،13 آڪٽوبر تائين اسرائيل جا يرغمالي آزاد ٿي ويندا: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن-09 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا ٻين ملڪن سان گڏجي غزه پٽي جي نئين سر تعمير ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ آمريڪي صدر چيو ته منهنجو خيال آهي ته مختلف ملڪ هڪ ٻئي سان سهڪار ڪندا ۽ غزه کي ٻيهر تعمير ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا هڪ ڪائونسل آف پيس (امن ڪائونسل …

واشنگٽن-09 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا ٻين ملڪن سان گڏجي غزه پٽي جي نئين سر تعمير ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ آمريڪي صدر چيو ته منهنجو خيال آهي ته مختلف ملڪ هڪ ٻئي سان سهڪار ڪندا ۽ غزه کي ٻيهر تعمير ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا هڪ ڪائونسل آف پيس (امن ڪائونسل ) قائم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، جيڪا غزه جي صورتحال ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. هن  وچ  اوڀر وارن ملڪن جي وچ ۾ ٿيندڙ سهڪار کي ”حيرت انگيز “ قرار ڏيندي چيو ته ڪجهه ملڪن وٽ تمام گهڻي دولت آهي  ۽ جيڪڏهن اهي ملڪ  پنهنجي دولت جو  ڪجهه حصو خرچ ڪن ته ان سموري علائقي جي تقدير تبديل ٿي سگهي ٿي. واضع رهي ته غزه ۾ انساني بحران ۽ تباهي کانپوءِ  نئين سر تعمير لاءِ عالمي سطح تي امداد ۽ سهڪار جي ضرورت تي زور ڏنو پيو وڃي. جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ معاهدي تحت اسرائيل جي يرغمالين جي آزادي 13 آڪٽوبر تي ممڪن آهي. اهڙي دعويٰ هن پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل هڪ انٽرويو دوران ڪئي آهي. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته يرغمالين کي آزاد ڪيو ويندو ۽ يرغمالين جي آزادي لاءِ گهڻو ڪجهه ٿي رهيو آهي جڏهن ته قيد دوران فوت ٿي ويل يرغمالين جا لاش پڻ واپس ڪيا ويندا.