رياض-09 آڪٽوبر(اي پي پي)سعودي عرب جي ايئرلائن فلاءِ ناس جده ۽ ماسڪو وچ ۾ سڌي ريت روٽ جو اعلان ڪيو آهي. جده ۽ ماسڪو وچ ۾ سڌيءَ ريت اڏامون هلندڙ سال 23 ڊسمبر کان شروع ڪيون وينديون. سعودي ٽوئرازم اٿارٽي ۽ ايئرڪنيڪٽوٽي پروگرام جي سهڪار سان شروع ڪيل اهو روٽ ماسڪو سان رابطن کي وڌائيندو. جده جي ڪنگ عبدالعزيز انٽر نيشنل ايئر پورٽ ۽ ماسڪو جي ونوڪوو انٽر نيشنل ايئر پورٽ لاءِ هفتي ۾ …
سعودي ايئر لائن فلاءِ ناس پاران جده ۽ ماسڪو وچ ۾ سڌيءَ ريت اڏامون هلائڻ جو اعلان
رياض-09 آڪٽوبر(اي پي پي)سعودي عرب جي ايئرلائن فلاءِ ناس جده ۽ ماسڪو وچ ۾ سڌي ريت روٽ جو اعلان ڪيو آهي. جده ۽ ماسڪو وچ ۾ سڌيءَ ريت اڏامون هلندڙ سال 23 ڊسمبر کان شروع ڪيون وينديون. سعودي ٽوئرازم اٿارٽي ۽ ايئرڪنيڪٽوٽي پروگرام جي سهڪار سان شروع ڪيل اهو روٽ ماسڪو سان رابطن کي وڌائيندو. جده جي ڪنگ عبدالعزيز انٽر نيشنل ايئر پورٽ ۽ ماسڪو جي ونوڪوو انٽر نيشنل ايئر پورٽ لاءِ هفتي ۾ ٽي اڏامون هلايون وينديون. فلاءِ ناس ٻنهي ملڪن وچ ۾ سڌيءِ ريت هوائي سفر ذريعي مسافرن کي سهولت فراهم ڪري رهي آهي جڏهن ته اهو قدم فلاءِ ناس جي ترقي ۽ توسيع لاءِ اسٽريٽجڪ پلان جي فريم ورڪ جو حصو آهي. سعودي ايوي ايشن جي حڪمت عملي 250 عالمي ايئرپورٽس کي سعودي عرب سان جوڙڻ سميت 2030ع تائين 330 ملين مسافرن تائين پهچڻ آهي. ياد رهي فلاءِ ناس سعودي عرب مان مرڪزي ايشيا لاءِ سڌيءَ ريت اڏامون هلائڻ واري سڀ کان وڏي سعودي ايئر لائن آهي.








