صدر ۽ وزيراعظم پاران ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي درابن ۾ دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي تي خراج تحسين پيش

اسلام آباد -9 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي درابن ۾ دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج ۽ قوم جو عزم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين قائم رهندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر ميجر سبطين حيدر جي بهادري، قيادت ۽ قرباني کي خراج تحسين پيش ڪندي …

اسلام آباد -9 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي درابن ۾ دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج ۽ قوم جو عزم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين قائم رهندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر ميجر سبطين حيدر جي بهادري، قيادت ۽ قرباني کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ميجر سبطين حيدر وطن جي دفاع ۾ پنهنجي جان قربان ڪري هڪ عظيم مثال قائم ڪيو. هُن شهيد آفيسر جي خاندان سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه خوارج جو انجام سدائين عبرتناڪ ٿيندو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪ فوج ۽ قوم جو عزم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين قائم رهندو، شهيدن جون قربانيون قومي سلامتي ۽ اتحاد جي ضمانت آهن. جڏهن ته وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهيد جي درجن جي بلندي ۽ سندس خاندان لاءِ صبر جي دعا ڪئي. هن چيو ته پاڪستاني هٿياربند فوج جا بهادر آفيسر ۽ جوان ڏينهن رات ملڪ جي حفاظت ۾ مصروف آهن مون سميت سڄي قوم کي پنهنجي بهادر فوج جي آفيسرن ۽ سپاهين تي فخر آهي. وزيراعظم دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکڻ جي پنهنجي عزم کي ورجائيندي چيو ته پوري قوم مُلڪ جي حفاظت لاءِ پاڪستاني هٿياربند فوج جي اڻٿڪ عزم ۾ انهن سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.

مزید خبریں