اسلام آباد -9 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه ۾ نسل ڪشي جي خاتمي لاءِ معاهدي جي اعلان کي وچ اوڀر ۾ پائيدار امن کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ تاريخي موقعو قرار ڏيندي چيو آهي ته پائيدار امن جي راهه هموار ڪندڙ ڪوششن کي ڪمزور ڪندڙ قدمن کي روڪيو وڃي. "ايڪس" تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم امن معاهدي جي حوالي سان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪردار …
وزيراعظم پاران غزه ۾ نسل ڪشي جي خاتمي لاءِ معاهدي جو اعلان وچ اوڀر ۾ پائيدار امن کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ تاريخي موقعو قرار

مزید خبریں
اسلام آباد -9 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه ۾ نسل ڪشي جي خاتمي لاءِ معاهدي جي اعلان کي وچ اوڀر ۾ پائيدار امن کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ تاريخي موقعو قرار ڏيندي چيو آهي ته پائيدار امن جي راهه هموار ڪندڙ ڪوششن کي ڪمزور ڪندڙ قدمن کي روڪيو وڃي. "ايڪس” تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم امن معاهدي جي حوالي سان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته سندس قيادت ڳالهين ۽ بحث جي هن پوري عمل دوران دنيا ۾ امن لاءِ سندس اڻٿڪ عزم جي عڪاس آهي. هن قطر، مصر ۽ ترڪي جي قيادت جي به واکاڻ ڪئي، جن هڪ معاهدي تي پهچڻ لاءِ بيحد محنت ڪئي. وزيراعظم چيو ته هو فلسطيني عوام کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو، جن کي بيحد تڪليفن کي منهن ڏنو آهي، جيڪي ڪڏهن به نه ورجائڻ گهرجن. هن مسجد اقصيٰ ۾ تازين اشتعال انگيز واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان جي سخت مذمت ڪئي. وزيراعظم عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو قابض ۽ غير قانوني آبادڪارن کي انهن جي ڪاررواين لاءِ جوابده قرار ڏئي ۽ اهڙن وڌيڪ قدمن کي روڪيو وڃي، جيڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تڪرار گهٽائڻ ۽ پائيدار امن جي راهه هموار ڪرڻ جي ڪوششن کي ڪمزور ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته هو پنهنجي ڀائيوارن، دوستن ۽ ڀائر ملڪن جي قيادت سان گڏجي فلسطيني عوام جي امن، سلامتي ۽ وقار کي انهن جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن مُوجب يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪم جاري رکندو.











