اسلام آباد -9 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي ناڻي تي بار بڻجندڙ غيرفعال سرڪاري ادارن جي نجڪاري جي عمل کي جلد کان جلد انتظامي ۽ ادارتي مُشڪلاتن کان بچائيندي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته تجويز ڪيل سرڪاري ادارن جي نجڪاري ۾ قومي مفاد ۽ مستقبل ۾ ادارن جي پيشيوراڻي صلاحيت واڌائڻ کي ذهن ۾ رکيو وڃي. هن اها هدايت پنهنجي صدارت هيٺ سرڪاري …
وزيراعظم پاران قومي ناڻي تي بار بڻجندڙ غيرفعال سرڪاري ادارن جي نجڪاري جو عمل جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد -9 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي ناڻي تي بار بڻجندڙ غيرفعال سرڪاري ادارن جي نجڪاري جي عمل کي جلد کان جلد انتظامي ۽ ادارتي مُشڪلاتن کان بچائيندي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته تجويز ڪيل سرڪاري ادارن جي نجڪاري ۾ قومي مفاد ۽ مستقبل ۾ ادارن جي پيشيوراڻي صلاحيت واڌائڻ کي ذهن ۾ رکيو وڃي. هن اها هدايت پنهنجي صدارت هيٺ سرڪاري ادارن جي تجويز ڪيل نجڪاري بابت جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڏني، جنهن ۾ اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي وفاقي وزير احد خان چيما، توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، ناڻي واري وزير مملڪتي بلال اظهر ڪياني ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته تجويز ڪيل سرڪاري ادارن جي نجڪاري ۾ قومي مفاد ۽ مستقبل ۾ ادارن جي پيشيوراڻي صلاحيت ۾ اضافي کي ذهن ۾ رکيو وڃي. هن تجويز ڪيل سرڪاري ادارن جي نجڪاري جي عمل ۾ عالمي شهرت يافته ماهرن جُون خدمتون حاصل ڪرڻ ۽ سرڪاري ادارن جي اندروني صلاحيت وڌائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تحت فوري طور تي هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم حڪم ڏنو ته نجڪاري جي عمل ۾ شامل سرڪاري ادارن لاءِ بهترين معاملا طئه ڪيا وڃن. هن خبردار ڪيو ته نجڪاري جي عمل ۾ ادارتي ۽ انتظامي دير کي برداشت نه ڪيو ويندو، هو ذاتي طور تي نجڪاري جي عمل جي نگراني ڪندو ۽ ان جي اڳڀرائي تي باقاعده اجلاس منعقد ڪيا ويندا. اجلاس ۾ وزيراعظم کي 24 مان 15 سرڪاري ادارن جي نجڪاري جي عمل جي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم قومي ناڻي تي بار بڻجندڙ غير فعال سرڪاري ادارن جي نجڪاري جلد کان جلد انتظامي ۽ ادارتي مُشڪلاتن کان بچائيندي نجڪاري جي عمل کي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.











