وزيراعظم شهباز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ واري وڊيو سڀ کان وڌيڪ ڏٺي ويندڙ وڊيو بڻجي وئي

گڏيل قومون -9 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ واري وڊيو گڏيل قومن جي يوٽيوب چينل تي سڄي دُنيا جي اڳواڻن مان سڀ کان وڌيڪ ڏٺي ويندڙ وڊيو بڻجي وئي آهي، جنهن کي 26 سيپٽمبر تي يوٽيوب تي اپلوڊ ٿيڻ کان وٺي هيستائين (13 لک) 1.3 ملين کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو آهي. ٻئي نمبر تي آمريڪي صدر …

گڏيل قومون -9 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ واري وڊيو گڏيل قومن جي يوٽيوب چينل تي سڄي دُنيا جي اڳواڻن مان سڀ کان وڌيڪ ڏٺي ويندڙ وڊيو بڻجي وئي آهي، جنهن کي 26 سيپٽمبر تي يوٽيوب تي اپلوڊ ٿيڻ کان وٺي هيستائين (13 لک) 1.3 ملين کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو آهي. ٻئي نمبر تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو 23 سيپٽمبر تي جنرل اسيمبلي کي خطاب آهي، جنهن کي چار لک 58 هزار ڀيرا ڏٺو ويو آهي. ٽئين نمبر تي ٿائي پرڏيهي وزير سهاسڪ فوانگ ڪيت ڪيو جو خطاب آهي جنهن کي 27 سيپٽمبر کان وٺي 2 لک 77 هزار ڀيرا ڏٺو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي جامع خطاب ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي، غزه جي صورتحال، موسمياتي تبديلي ۽ عالمي معاشي بحران بابت ڳالهايو. هن انهن مسئلن کي هڪ مُشڪل ۽ چئلينجنگ عالمي منظرنامي جو حصو قرار ڏنو جيڪو وڌندڙ تڪرارن، بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙين ۽ ماحولياتي عدم استحڪام ۾ ورتل آهي. پاڪستاني وزيراعظم غزه ۾ اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪندي فوري ۽ مستقل جنگ بندي جو مطالبو ڪيو. هن اسرائيلي ڪاررواين کي "معصوم ماڻهن جو منظم قتل عام” ۽ "دنيا جي ضمير تي داغ” قرار ڏنو. هن 1967 کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي ٻه رياستي حل جي حمايت ڪئي، جنهن ۾ اوڀر بيت المقدس کي هڪ آزاد فلسطيني رياست جو گاديءَ جو هنڌ قرار ڏنو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي موقف کي ورجائيندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مُوجب ڪشميري عوام کي خودمختياري جو حق ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ڀارت تي غير قانوني ۽ هڪ طرفا قدم کڻڻ جو الزام هنيو جيڪي خطي ۾ تڪرار وڌائي رهيا آهن.