اورڪزئي ضلعي ۾ شهيد ٿيل ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد طارق ۽ ميجر طيب راحت جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

راولپنڊي-08 آڪٽوبر (اي پي پي) اورڪزئي ضلعي ۾ شهيد ٿيل ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد طارق ۽ ميجر طيب راحت جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان مطابق ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد طارق (عمر 39 سال، رهائش راولپنڊي) ۽ ميجر طيب راحت (عمر 33 سال، رهائش راولپنڊي) جي جنازي نماز چڪلاله گيريزن، راولپنڊي ۾ ادا ڪئي وئي آهي، هي انهن 11 بهادر جوانن ۾ شامل هئا جن …

راولپنڊي-08 آڪٽوبر (اي پي پي) اورڪزئي ضلعي ۾ شهيد ٿيل ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد طارق ۽ ميجر طيب راحت جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان مطابق ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد طارق (عمر 39 سال، رهائش راولپنڊي) ۽ ميجر طيب راحت (عمر 33 سال، رهائش راولپنڊي) جي جنازي نماز چڪلاله گيريزن، راولپنڊي ۾ ادا ڪئي وئي آهي، هي انهن 11 بهادر جوانن ۾ شامل هئا جن اورڪزئي ضلعي ۾ انٽيليجنس بنياد تي ڀارتي حمايت يافته خوارج خلاف آپريشن دوران شهادت ماڻي. وزيراعظم محمد شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وفاقي وزيرن، فوجي ۽ سول آفيسرن ۽ عوام جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم اورڪزئي سانحي جي 11 شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردي جي ان لعنت خلاف پر عزم ۽ ثابت قدم آهي ۽ شهيدن جو لازوال قربانيون هر قيمت تي مادر وطن جي دفاع لاءِ قوم جي پُختي عزم جي خاطري ڪرائين ٿيون. شهيدن کي پوري فوجي اعزاز سان اباڻن علائقن ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

مزید خبریں