بلغراد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) سربيا ۾ پاڪستان جي سفير فراز زيدي بلغراد پيلس آف سربيا ۾ منعقد پر وقار تقريب ۾ سربيا جي صدر اليگزينڊر ووچچ کي پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. تقريب دوران سفير گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو. سربيا جي صدر پاڪستان جي سفير جي آجيان ڪئي ۽ ٻه طرفن لاڳاپن کي واپار، تعليم، پورهيتن جي اچ وڃ ۽ دفاعي سهڪار سميت مختلف شعبن ۾ مضبوط …
سربيا ۾ پاڪستان جي سفير فراز زيدي پيلس آف سربيا ۾ منعقد تقريب ۾ سربيا جي صدر کي سفارتي سندون پيش ڪيون

مزید خبریں
بلغراد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) سربيا ۾ پاڪستان جي سفير فراز زيدي بلغراد پيلس آف سربيا ۾ منعقد پر وقار تقريب ۾ سربيا جي صدر اليگزينڊر ووچچ کي پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. تقريب دوران سفير گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو. سربيا جي صدر پاڪستان جي سفير جي آجيان ڪئي ۽ ٻه طرفن لاڳاپن کي واپار، تعليم، پورهيتن جي اچ وڃ ۽ دفاعي سهڪار سميت مختلف شعبن ۾ مضبوط بنائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. پاڪستان جي سفير فراز زيدي پاڪستاني قيادت طرفان نيڪ خواهشن جا پيغام پهچايا ۽ سربيا ۾ پاڪستان جي هاڪاري سڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











