خيبرپختونخواهه جي نامزد وڏي وزير سهيل آفريدي جو پروفائيل

پشاور _ 08 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي نامزد وڏي وزير سهيل آفريدي جو تعلق خيبر ضلعي سان آهي. هو پي ڪي – 70 تان پهريون ڀيرو صوبائي اسيمبلي ميمبر بڻيو. سهيل آفريدي ڪافي عرصي تائين انصاف اسٽوڊنٽس فيڊريشن خيبرپختونخواهه جو صدر رهيو. 2011ع ۾ سهيل آفريدي انصاف اسٽوڊنٽس فيڊريشن ضلعي پشاور جو صدر بڻيو، پوءِ 2014ع ۾ انصاف اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو صوبائي صدر چونڊيو. سهيل آفريدي خيبرپختونخواهه ۾ …

پشاور _ 08 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي نامزد وڏي وزير سهيل آفريدي جو تعلق خيبر ضلعي سان آهي. هو پي ڪي – 70 تان پهريون ڀيرو صوبائي اسيمبلي ميمبر بڻيو. سهيل آفريدي ڪافي عرصي تائين انصاف اسٽوڊنٽس فيڊريشن خيبرپختونخواهه جو صدر رهيو. 2011ع ۾ سهيل آفريدي انصاف اسٽوڊنٽس فيڊريشن ضلعي پشاور جو صدر بڻيو، پوءِ 2014ع ۾ انصاف اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو صوبائي صدر چونڊيو. سهيل آفريدي خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي يوٿ ونگ ۾ اهم ذميواريون سنڀاليون آهن. هو پي ٽي آءِ جي مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو ميمبر پڻ رهيو آهي. سهيل آفريدي موجوده حڪومت ۾ وڏي وزير جو ڪميونيڪشن اينڊ ورڪس بابت خاص معاون رهيو. صوبائي ڪابينا ۾ تبديلي کانپوءِ سهيل آفريدي کي هايئر ايجوڪيشن جو وزير بڻايو ويو. تحريڪ انصاف جي اندر علي امين گنڊاپور جي قيادت تي اڳ ۾ ئي اختلاف سامهون اچي چڪا آهن. سهيل آفريدي کي پارٽي جي مختلف گروپن کي متحد رکڻ ۽ قيادت تي اعتماد بحال ڪرڻو پوندو. مخالف ڌر پارٽيون کيس ڪمزور وڏي وزير طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون. واضح رهي ته باني پي ٽي آءِ علي امين خان گنڊاپور کي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي عهدي تان هٽائي سهيل آفريدي کي نئون وڏو وزير نامزد ڪيو آهي.

مزید خبریں