اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) مملڪتي وزير ۽ وزيراعظم جي ڊجيٽل ميڊيا بابت خاص مددگار فهد هارون سان ايٿوپيا جي سفير ڊاڪٽر جمال بڪر عبدالله الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ ايٿوپيا وچ ۾ مضبوط ۽ وڌندڙ ٻه طرفن لاڳاپن، اقتصادي سهڪار، ثقافتي ڏي وٺ ۽ تعليمي رابطن تي ڳالهيون ڪيون ويون. فهد هارون، سفير جي مقرري جي مدي دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ مفاهمت ۽ سهڪار کي …
مملڪتي وزير فهد هارون سان ايٿوپيا جي سفير ڊاڪٽر جمال بڪر عبدالله جي الوداعي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) مملڪتي وزير ۽ وزيراعظم جي ڊجيٽل ميڊيا بابت خاص مددگار فهد هارون سان ايٿوپيا جي سفير ڊاڪٽر جمال بڪر عبدالله الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ ايٿوپيا وچ ۾ مضبوط ۽ وڌندڙ ٻه طرفن لاڳاپن، اقتصادي سهڪار، ثقافتي ڏي وٺ ۽ تعليمي رابطن تي ڳالهيون ڪيون ويون. فهد هارون، سفير جي مقرري جي مدي دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ مفاهمت ۽ سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۾ سندس ڪوششن کي ساراهيو. ڳالهين ۾ ڊجيٽل پليٽ فارمز ۽ ڊجيٽل سفارتڪاري جي اهميت تي روشني وڌي وئي جنهن عوامي رابطن کي بهتر بنائڻ، قومي تاثر کي عالمي سطح تي منظم انداز سان پيش ڪرڻ ۽ عالمي مواصلاتي حڪمت عملي کي جديد رخن تي آڻڻ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪيو آهي. فهد هارون، سفير کي سندس ايندڙ ذميوارين لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ايٿوپيا – پاڪستان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ ۽ سندس خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو.











