وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ سي پيڪ بابت جائزه اجلاس

اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته سي پيڪ جو ٻيون مرحلي (فيز ٽو) باضابطا شروع ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ زراعت، صنعت، اطلاعات ٽيڪنالاجي ۽ عوامي رابطن جهڙن اهم شعبن کي شامل ڪيو ويو آهي، ان مرحلي ۾ نجي شعبي جي ڪردار کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ ۽ نوجوانن جي هنر مندي ۾ اضافي تي خاص …

اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته سي پيڪ جو ٻيون مرحلي (فيز ٽو) باضابطا شروع ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ زراعت، صنعت، اطلاعات ٽيڪنالاجي ۽ عوامي رابطن جهڙن اهم شعبن کي شامل ڪيو ويو آهي، ان مرحلي ۾ نجي شعبي جي ڪردار کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ ۽ نوجوانن جي هنر مندي ۾ اضافي تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. 14هين جي سي سي اجلاس کانپوءِ سي پيڪ منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزه اجلاس طلب ڪيو ويو. اجلاس ۾ سي پيڪ فيز ٽو جي منصوبن تي عملدرآمد ۾ تيزي آڻڻ تي زور ڀريو ويو. اجلاس ۾ وفاقي وزير هدايت ڪئي ته پاڪستان ۾ قائم ڪيل خاص اقتصادي زونز ۾ سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ سموريون وزارتون سي پيڪ فيز ٽو تحت نوان منصوبا تيار ڪن. احسن اقبال چيو ته 14 هون جي سي سي اجلاس پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن ۾ نئين سفر جو بنياد ثابت ٿيو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جي 75هين سالگره جي موقعي تي 15هون جي سي سي اجلاس پاڪستان ۾ منعقد ٿيندو. هن هدايت ڪئي ته انهن منصوبن کي ترجيح ڏني وڃي جيڪي عوامي زندگي تي ڊگها ۽ هاڪاري اثرن وجهن. وفاقي وزير چيو ته سي پيڪ جو ٻيون مرحلو (فيز ٽو) جو باضابطا شروع ٿي چڪو آهي، زراعت، صنعت، آءِ ٽي ۽ عوام سان عوامي رابطن جهڙا اهم شعبا شامل ڪيا ويا آهن. ان مرحلي ۾ نجي شعبي جي ڪردار کي وڌيڪ مضبوط ۽ نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. احسن اقبال چيو ته سي پيڪ جي منصوبا روزگار، سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي جا موقعا فراهم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته فيز ٽو پاڪستان جي روانگي واپار ۾ خاطر خواهه ۽ پائيدار اضافو آڻيندو. هن چيو ته پاڪستان جي فائيو ايز ماڊل کي چين جي 5 راهدارين سان هم آهنگ ڪيو پيو وڃي، ته جيئن ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ وسعت ڏئي سگهجي. وفاقي وزير چيو ته چين جي سهڪار سان گوادر ۾ قائم ڊي سيلينيشن پلانٽ، پاڻي جي فراهمي ۾ نمايان بهتري پيدا ڪئي آهي. هن عزم ظاهر ڪيو ته جهڙي طرح سي پيڪ فيز ون کي ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو، فيز ٽو کي به ساڳئي جوش ۽ تسلسل سان ڪامياب بڻائينداسين. هن ٻڌايو ته معاشي ۽ روزگار ڪوريڊور تحت پٺتي پيل علائقن جي ترقي لاءِ چيني ماڊل تي عملدرآمد جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۽ چين جي اقتصادي ٿنڪ ٽينڪس ڊولپمنٽ ريسرچ سينٽرز وچ ۾ مفاهمتي يادداشت به طئي ٿي وئي آهي، جنهن سان روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد حاصل ٿيندي. 

مزید خبریں