اسلام آباد _ 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي قيادت ۾ سعودي عرب ترقي جو جيڪو مثال قائم ڪيو اهو دنيا جي لاءِ قابل تقليد آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تازو گڏيل دفاعي معاهدو ٻنهي ملڪن جي اقتصادي، اسٽريٽجڪ، دفاعي ۽ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن …
پاڪستان ۽ سعودي عرب جو تازو گڏيل دفاعي معاهدو اقتصادي، اسٽريٽجڪ، دفاعي ۽ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد _ 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي قيادت ۾ سعودي عرب ترقي جو جيڪو مثال قائم ڪيو اهو دنيا جي لاءِ قابل تقليد آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تازو گڏيل دفاعي معاهدو ٻنهي ملڪن جي اقتصادي، اسٽريٽجڪ، دفاعي ۽ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير سردار محمد يوسف ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم وفد جي پاڪستان جي دوريجي آجيان ڪندي ڊاڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ سان ملاقات کي رياض ۽ جده ۾ ساڻن ڪيل پنهنجي گذريل ملاقاتن وانگر خوشگوار قرار ڏنو. وزيراعظم سعودي فرمانروا خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ ان جي صحت ۽ تندرستي جي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جو سعودي عرب جي ترقي جو ويزن ساراهه جوڳو آهي، سندس قيادت ۾ سعودي عرب هر شعبي ۾ ڪمال ترقي جو مثال قائم ڪيو آهي جيڪو دنيا جي باقي ملڪن جي لاءِ هڪ قابل تقليد مثال آهي. هن اقتصادي ۽ سماجي شعبي جي ترقي ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ مثالي قدم کنيا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان تازي گڏيل دفاعي معاهدي کي تمام گهڻي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، اهو معاهدو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود اقتصادي، اسٽريٽجڪ، دفاعي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيندو. ان موقعي تي سعودي شوريٰ جي چيئرمين شاندار مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تازي گڏيل دفاعي معاهدي کي انتهائي اهم قرار ڏيندي چيو ته اهو معاهدو ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بين الپارلياماني لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا جي فروغ تي اتفاق ڪيو.











